موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رمضان کان اڳ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي موجب 17 فيبروري تي ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ڄامشورو، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ برسات جو امڪان آهي، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ به تيز هوا سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي، مختلف علائقن ۾ ڳڙو پوڻ جو به امڪان.