@ArbabAmbreen هڪ پاسي راشد محمود سومرو ساڌ رام جي تعزيت تي وڃي مذهبي رواداري جي ڳالھ ڪري ٿو ٻئي پاسي ان جا شاگرد لاڙڪاڻي ۾ گهر گهر وڃي معلومات وٺي ماڻهن کان قسم کڻائي مسلماني هجڻ ۽ نه هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ٿا ورهائين....
اها لاڙڪاڻي شهر ۾ مذهبي انتهاپسندي ڪنھن جي آشيرواد سان پئي ٿئي.
سنڌ ۾ مذهبي جنونيت وڌندي پئي وڃي، جمال مصطفىٰ تنيو جهڙا ماڻهو مذهب جي نالي تي ماڻهن کي ڪافر قرار ڏئي نفرت، خوف ۽ فتنو ڦهلائي رهيا آهن، جيڪڏهن اڄ به اهڙن مُلان خلاف ڪارروائي نه ٿي، ته سڀاڻي هر مختلف سوچ رکندڙ ماڻهو هجوم هٿان ماريو ويندو، لاڙڪاڻو ڪنهن ملان جي ذاتي جاگير نه، پر سڀني ماڻهن جو شهر آهي 💔
#Larkana
#StopReligiousExtremism
ڪيترن ئي گهرن ۾ عيد جا ڏينهن به خاموش گذرن ٿا، نه نوان ڪپڙا، نه سٺي ماني، نه قرباني جو گوشت، جيڪڏهن الله اوهان کي وسعت ڏني آهي ته پنهنجي پاڙي جي انهن گهرن کي نه وسارجو، جتي ٻار اڄ به ڪنهن جي دروازي ڏانهن اميد سان نهارين ٿا۔ قرباني جو اصل حسن فرج ڀرڻ ۾ نه، پر ڪنهن بکئي جي چلهه ٻارڻ ۾ آهي، شايد اوهان جي ڏنل ٿوري خوشي ڪنهن ماءُ جي دعا بڻجي وڃي. 🙏
ڪراچي مظاهرين جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت جي خبر ملڻ کانپوء هزارين شهري رڪاوٽون ٽوڙي آمريڪي قونصل خاني ۾ گهڙي آيا. حالات ڪنٽرول کان ٻاهر. آمريڪا جو جهنڊو لاهي ايران ۽ حزب الله جا جهنڊا لڳائي ڇڏيا..
ايڊووڪيٽ شبير شر سنڌ جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته
”پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي عوام سان ويساھ گهاتي ڪئي آھي
تڪراري ڪئنالن تي اڄ به ڪم هلي پيو، جڏهن ته چولستان م ڪڻڪ جو بهترين فصل ٿيو آهي.“
#NoMoreCanalsOnIndus