ڪونج تون ڪاڏي وئينءَ؟
اعجاز منگي
ڪونج جا صرف وار سهڻا ن�� هئا
ڪونج جا ٻار به سهڻا هئا!!
اهي ٻار ڪيئن ٻاڪاريندا هئا؟
جڏهن جنوني انهن جي امڙ کي فرش تي اڇليندو هو
ڪونج ڪيترو ڪرلايو؟
تفتيشي رپورٽ ۾ اهو به شامل هجي ها ته:
سرڪاري ڪاغذ جو رنگ اڏامي وڃي ها"”""!!
#JusticeForQuratulain
ڀيڻ قرت العين جي قتل تي جڏھن سنڌ جي شعور سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿاريو ملڪي ليول جي ميڊيا ڪيس کي ڀرپور ڪوريج ڏني تڏھن عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير محترما شھيلا رضا کي ياد پيو ت قرت العين جي گھر ڀاتين سان تعزيت ڪرڻ وڃڻ گھرجي افسوس ت ميڊم وچن پورو ن ڪيو !
#JusticeForQuratulain