زندگيءَ تي بار جهڙي ٿي لڳي
هي رياست گار جهڙي ٿي لڳي.
اقبال رند
حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي ڏوھ ۾ مون سميت 6 جسقم ۽ جساف اڳواڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل۔ سڀني دوستن کي واڌايون
اڄ جڏهن ڪارونجهر جي ڪور مان ڪنهن مور جي ڪائي ڪوڪ ٻڌبي آهي, ان وقت آئون فيصلو نه ڪري سگهندو آهيان ته اهو روپلي جو آزادي لاء نعرو آهي يا سندس ڪاتر جو آواز, يا سندس ساٿين جي غداري ۽ بي ايماني تي ڌڪار جو پڙاڏو....!
#عبدالواحد آريسر ❤️🌹
#HBDAbdulWahidArisar
امرڪوٽ ماڙي جلباڻي ۾ رياستي ادارن جي قهري ڪاروائي ۾ شهيد ڪيل قومي ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪندي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي به نوٽيس وٺڻ جي گذارش ڪئي وئي۔
رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 25اپريل 2023ع 28 هين ورسي جو سن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته جون ۾ نالا ڏنا آھن۔
هن ورسي پروگرام ۾ طبيعت ناساز هئڻ جي ڪري سن پهچي نه سگهيو هئس پر رياستي ادارن تاريخي طور ڪوڙن وري ڪيس ۾ نالو ڏنو آهي ۔ ڪاغذي ٽڪري جي پرواھ ناهي سڀني پيارن کي واڌايون
ظُلُم، جبر، ناحَق، مَحرومي ۽ مجبوري جي رات ڪيڏي بہ طويل ڇو نہ هُجي پر ان جي ڪُک مان سَچ، سُونهن، انصاف ۽ آدرشن جو صبح ضرور پيدا ٿيندو.
/
سائين جي ايم سيد
وطن سان محبت ۾ رت ۽ روح جا رشتا جي رڪاوٽ بڻجن انهن کي به تڏي ڇڏيو پر وطن سان محبت کي نڀايو پوء کڻي تنها بڻجي وڃو يا موت سان مهاڏو اٽڪائڻو پوي ته به حالاتن سان ٽڪراء ۾ رهو پيار جي ريت نڀائي تاريخ رقم ڪريو.
ارباب ڀيل
محبتن جي عالمي ڏينهن تي جسقم مرڪز جي سڏ تي
ماتلي کان ٽنڊو محمد خان تائين پيادل سنڌ مارچ ڪيو ويو۔
پيادل مارچ جو مختلف هنڌن تي گلن نڇاور ڪري استقبال ڪيو ويو.
پيادل مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ سمورا قومي ڪارڪن جس لهن۔
وٺي هر هر جنم وربو
مٺا مهراڻ ۾ ملبو
سنڌ ۽ سيد جو عاشق آريسر صاحب جو دوست روحل واء جو راڻو ماما جمن دربدر اڄ اسان کان جسماني طور هميشه جي لاء وڇڙي ويو آھي.
سوڳوار سنڌ سان گهري ڏک جو اظهار سندس چاهيندڙ ۽ پريوار سان سنڌ جي يڳاني عاشق جي تعزيت ڪجي ٿي.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني چيئرمين چوٿين دنيا جي ڏاهي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي شارح
11 آڪٽومبر1949ع ۾ جنم وٺندڙ سائين عبدالواحد آريسر جي 73 هين سالگره
سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب سادگي سان ملهائي ويندي.
11 آڪٽومبر اڱاري جي ڏينهن صبح جو 10 وڳي جسقم جي مرڪزي قيادت حاضري ڀريندي.