نشات تنظيم جماعت لواري شريف ريجن شهيد بينظير آباد ۽ ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع شهيد بينظير آباد جي طرفان سائين علي بخش قريشي جي سهڪار سان، ڳوٺ بچل پور ۾ ٻن ڏينهن لاءِ نادرا جي موبائل سروس گاڏي گهرائي وئي.
Najia Shagird Tanzeem “NISHAT” Jamait Luari Sharif District Karachi, celebrated the blessed birthday of Hazrat Badshah Imam-Ul-Aarfeen Pir Haji Ahmed Zaman Quddas Sirrahu, the 6th Pir of Luari Sharif, with great devotion and respect.
The program was presided over by the President of District Karachi, Mr. Abid Junejo. Among those present were the General Secretary of District Karachi, Mr. Ghulam Sidique Junejo, Joint Secretary Mr. Faizullah Junejo, and other respected members of organization Nishat and Jamaat Luari Sharif
During the gathering, rich tribute was paid to the religious, spiritual, and reformative services of Hazrat Pir Haji Ahmed Zaman Quddas Sirrahu.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع دادو پاران درگاھ عاليه لواري شريف جي ڇھين سجاده نشين حضرت امام العارفين خواجه پير حاجي احمد زمان قدس سرھ جن جي سالگرھ مبارڪ نھايت عقيدت و احترام سان سيتاوليج ۾ ملھائي وئي. پروگرام ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جيڪا سيد نور محمد شاه ڪئي جماعت وارن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.
ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف يونٽ ماکنڊ جي طرفان درگاهه عاليه لواري شريف جي ڇهين سجاده نشين، حضرت امام العارفين خواجه پير حاجي احمد زمان قدس سره جن جي 150هين سالگرهه مبارڪ نهايت عقيدت سان ملهائي وئي۔
تقريب دوران ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم مرڪزي نائب صدر ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف علي رضا ڏاهري، وڏيرو غلام حسن ڏاهري، يونٽ صدر ساجد ڏاهري، جنرل سيڪريٽري زيشان ڏاهري، استاد مومن ڏاهري، ممتاز ڏاهري ۽ معروف ڏاهري گڏجي ادا ڪئي۔
ان موقعي تي يونٽ ماکنڊ جي ميمبرن ۽ جماعت وارن ڀرپور شرڪت ڪئي.
"نشات" تنظيم جماعت لواري شريف ريجن شهيد بينظير آباد ۽ ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف يونٽ قاضي احمد جي طرفان درگاهه عاليه لواري شريف جي ڇهين سجاده نشين، حضرت امام العارفين خواجه پير حاجي احمد زمان قدس سره جن جي 150هين سالگرهه مبارڪ نهايت عقيدت ۽ احترام سان درگاهه شريف حضرت قاضي احمد رحه تي ملهائي وئي۔
تقريب دوران ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم سائين پير محمد انور، مينيجر پير آف لواري شريف سرائي الهه رکيو جتوئي، صدر نشات تنظيم جماعت لواري شريف ريجن شهيد بينظير آباد سائين علي بخش قريشي ۽ سائين پير شير محمد گڏجي ادا ڪئي۔
ھن سالگرھ مبارڪ جي موقعي تي عبدالجبار ابڙو حضرت خواجه پير حاجي احمد زمان قدس سره جن جي سوانح حيات، ديني، روحاني ۽ سماجي خدمتن بابت تفصيلي ليڪچر ڏنو۔
ان موقعي تي يونٽ قاضي احمد جي ميمبرن ۽ جماعت وارن ڀرپور شرڪت ڪئي.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع بدين ۽ دارلعلوم حضرت سلطان الاولياء جي طرفان درگاهه عاليه لواري شريف جي ڇهين سجاده نشين درگاھ عاليہ لواري شريف حضرت امام العارفين خواجه پير حاجي احمد زمان قدس سره جي سالگرھ مبارڪ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ۽ حمد و ثنا ڪئي وئي.
پروگرام ۾ ضلعي صدر نبيب الله ڪوريجو ۽ حافظ محمد يونس ابڙو، ضلع جنرل سيڪريٽري ستار بخش ڪوريجو، جوائنٽ سيڪريٽري عمران عزيز ٽالپر، ۽ يونٽن جي عهديدارن، ميمبرن ۽ جماعت وارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع حيدرآباد پاران درگاھ عاليه لواري شريف جي ڇھين سجاده نشين حضرت امام العارفين خواجه پير حاجي احمد زمان قدس سرھ جن جي سالگرھ مبارڪ نھايت عقيدت و احترام سان ملھائي وئي. پروگرام ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جيڪا ضلع صدر جميل احمد ٽالپر، جلال الدين جوڻيجو ۽ محمد اسلم ڏاھري ادا ڪئي. پروگرام ۾ ضلع جنرل سيڪريٽري عبداسلام ارباب، فنانس سيڪريٽري فرزين ٽالپر. پريس سيڪريٽري حسنين ٽالپر سميت نشات جي ميمبرن ۽ جماعت وارن شرڪت ڪئي.
آخر ۾ درگاھ عاليه لواري شريف دستوري دعا شريف سان ھن پروگرام جو اختتام ٿيو.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع قمبر شهدادڪوٽ طرفان ھر سال جيان هن سال به "تعليمي جاڳرتا" مهم پروگرام ضلعي جي سڀني يونٽن يونٽ ڪوريجا، يونٽ مبارڪ ڪلھوڙا ۽ يونٽ چنھڙ ۾ مھم ھلائي وئي جنهن جو خاص مقصد پنجن سالن جي عمر جي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ ۽ انھن ۾ اسٽيشنري فراهم ڪرڻ هو واضح رهي ته ھن پروگرام جي صدارت ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف جي ضلع صدر غازي خان جوڻيجو ڪئي ۽ پروگرام جي ڪاروائي ضلع جنرل سيڪريٽري ظفرالله جوڻيجو ھلائي ۽ ان سان گڏوگڏ ضلع جي عھديدارن ضلع نائب صدر ڊاڪٽر شاھد حسين چانڊيو، ضلع جوائنٽ سيڪريٽري فضل ڪريم جوڻيجو، ضلع فنانس سيڪريٽري سردار خان ڪوريجو ۽ ضلع پريس سيڪريٽري تسليم چانڊيو پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي "نشات" تنظيم ريجن لاڙڪاڻي جا صدر محترم محمد سومر جوڻيجو، محمد قاسم جوڻيجو ۽ عطا حسين جوڻيجو پڻ شرڪت ڪئي.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف يونٽ تلھار طرفان ھڪ تعليمي ڪچھري جو پروگرام "ڪيئن AI دنيا کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي" جي عنوان ھيٺ منعقد ٿيو، جيڪو يونٽ صدر محمد عابد ٽالپر جي صدارت ۾ ٿي گذريو.
ھن پروگرام ۾ فرقان ٽالپر مقرر طور شرڪت ڪئي ۽ مصنوعي ذهانت (AI) بابت مختلف موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي، جنھن ۾ عام مقصد واري AI، تخليقي AI، ۽ انتهائي ترقي يافته AI سميت ٻين اهم پهلوئن تي بھترين ڪچھري ڪئي وئي.
ان کان علاوه موجوده جديد دور ۾ AI جي ڪردار ۽ ان جي صحيح استعمال بابت به ميمبرن سان تفصيلي بحث مباحثو ڪيو ويو.
پروگرام ۾ مھمان خاص ضلع پريس سيڪريٽري محمد فراز ٽالپر جن ھئا ۽ يونٽ تلھار جي عھديدارن ۽ ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ پروگرام کي ڪامياب بڻايو.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف يونٽ خانصاحب عبدالرحمن ۽ نشات تنظيم يونٽ خانصاحب عبدالرحمن جي سھڪار سان صفائي جي بابت ۽ منشات جي خلاف مھم جو پروگرام يونٽ ليول تي ڪرايو ويو. ھن مھم ۾ خاص طور تي اھا ڪوشش ورتی وئی تہ ايندڙ نسلن کي نشي جھڙين خڪرناڪ شين کان بچائي سگھجي. انھن سڀني نوجوانن ۽ انھن جي والدين کي پڻ ھن مھم وسيلي نشي بابت آگاھ ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ھن مھم ۾ خاص طور تي صفائي سٿرائي تي پڻ نظر وڌي وئي. ھي مھم جيڪا نشات لائبريري ڳوٺ خانصاحب عبدالرحمن کان نڪرندي سب يونٽ غوث بخش ڪالوني تائين پھتي. جنھن ۾ ضلع بدين جا صدر نبيب الله ڪوريجو سان گڏ نائب صدر ڄام فيروز انڙ، حبيب الله ڪوريجو پڻ شامل ھئا. انھن سڀني ڳالھين کي مدنظر رکندي نشات تنظيم يونٽ خانصاحب عبدالرحمن جي صدر وقار احمد ڪوريجو ۽ يونٽ خانصاحب عبدالرحمن جي صدر اصغر علي ڪوريجو جن پڻ اھيو واضح پيغام ڏنو ته جيڪڏھن ڪو نوجوان ڳوٺ ۾ اھڙين خراب عادتن کي ڦھلائيندو ته انھن تي سخت قدم کنيا ويندا. جنھن ۾ يونٽ خانصاحب عبدالرحمن ۽ يونٽ غوث بخش ڪالوني جي عھديدارن ۽ ميمبرن سان گڏوگڏ ڳوٺ جي جماعت پڻ شرڪت ڪئي.
اسين پنھنجي روحاني رھبر مرشدنا حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي
سجاده نشين درگاھ عاليه لواري شريف جن کي عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
پاران: نشات تنظيم جماعت لواري شريف.
اسين پنھنجي روحاني رھبر مرشدنا حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي
سجاده نشين درگاھ عاليه لواري شريف جن کي عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
پاران: نشات تنظيم جماعت لواري شريف.
اسين پنھنجي روحاني رھبر مرشدنا حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي
سجاده نشين درگاھ عاليه لواري شريف جن کي عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
پاران: ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف.
اسين پنھنجي روحاني رھبر مرشدنا حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي
سجاده نشين درگاھ عاليه لواري شريف جن کي عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
پاران: نشات ميڊيا سيل.
اسين پنھنجي روحاني رھبر مرشدنا حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي
سجاده نشين درگاھ عاليه لواري شريف جن کي عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
پاران: جماعت لواري شريف.
نشات تنظيم جماعت لواري شريف ريجن حيدرآباد پاران ميٽنگ ٿي گذري جنهن جو آغاز تلاوت قرآن پاڪ سان ڪيو ويو، هن ميٽنگ ۾ يونٽ حيدرآباد ۽ يونٽ ڄامشورو ڪوٽڙي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
هن ميٽنگ ۾ موجوده بادشاهه ڪريم حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي سالگرھ مبارڪ جي پروگرام جي تياري بابت پروگرام جي ترتيب ڏني وئي، ان کان سواءِ اشتهار پاڪ جي ڪليڪشن بابت يونٽن کان پڻ بريفنگ ورتي وئي.
آخر ۾ ريجنل صدر صدام حسين مشوري صدراتي خطاب ڪيو ميٽنگ جو اختتام درگاهه لواري شريف جي دستوري دعا شريف سان ڪيو ويو.
ناجيہ شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع بدين طرفان يونٽ امام واھ ترائي ۾ ميمبرن ۾ اسٽيشنري جو سامان ورهايو ويو، جيڪو ضلع بدين جي نائب صدر ڄام فيروز انڙ جي نگراني ۾ ڏنو ويو۔
موقعي تي ضلع جنرل سيڪريٽري ستار بخش ڪوريجو ۽ ضلع جوائنٽ سيڪريٽري عمران عزيز ٽالپر ۽ يونٽ صدر اصغر ڪوريجو ۽ يونٽ نگران نبي بخش ڪوريجو پڻ موجود هئا۔
ضلع نائب صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ اسان جو مقصد تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۽ شاگردن ۾ علم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آھي۔ هن چيو تہ تعليم ئي اهڙو هٿيار آھي، جنهن سان قومون ترقي ڪنديون آهن ۽ نوجوان پنهنجي روشن مستقبل جي تعمير ڪندا آهن۔
هن وڌيڪ چيو تہ شاگردن کي گهرجي تہ هو محنت، لگن ۽ سچائي سان پنهنجي تعليم جاري رکن، ڇو تہ پڙهيل نوجوان ئي معاشري جي بهتر رهنمائي ڪري سگهن ٿا۔ اسان کي ميمبرس مان اميد آھي تہ هو محنت ڪري پنهنجو، پنهنجي والدين ۽ پنهنجي تنظيم جو نالو روشن ڪندا۔
شهيد بينظير آباد: ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع شهيد بينظير آباد جي طرفان نوابشاھ "دي پام گرل ريسٽورينٽ" ۾ هڪ ميٽنگ ٿي گذري۔
هن ميٽنگ جي صدارت مرڪزي نائب صدر ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" علي رضا ڏاهري ڪئي, ميٽنگ ۾ درگاھ عاليه لواري شريف جي موجوده سجاده نشين حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سالگرھ مبارڪ جي حوالي سان تيارين ۽ ايجيوڪيشن پروگرام بابت تفصيلي پلان تيار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ضلع شهيد بينظير آباد جي صدر عبدالجبار ڪيريو ضلع نائب صدر ڪاشف پيرزادو ضلعي پريس سيڪريٽري آذان پيرزادو يونٽ ناٺياڻي جي صدر غلام حيدر ڪيريو ۽ مهمانِ خاص هادي بخش ڪيريو پڻ موجود رهيا۔
صدارتي خطاب ڪندي مرڪزي نائب صدر علي رضا ڏاهري چيو ته موجوده سجاده نشين جو امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام دنيا تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ محنت ۽ منظم انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
The Nishat Students Welfare and Training Committee — a subsidiary of Najia Shagird Tanzeem “Nishat” Jamait Luari Sharif — successfully convened an important consultative meeting with the Central Body of NST “Nishat” and our senior trainers.
The session was dedicated to a two-fold agenda: Finalizing the venue and level for the upcoming training camps, and updating the camp syllabus to better serve the students.
The meeting was presided over by Mr. Habibullah, Central President of NST “Nishat.” Office bearers of the Central Body, Mr. Faizullah Qazi and Mr. Muhammad Ali Talpur, were in attendance, lending their leadership and oversight to the proceedings. Mr. Muhammad Essa, Chairman of the Training Committee, presented a detailed overview regarding the training manuals. He engaged the forum in a productive discussion, incorporating valuable advice from both senior trainers and the present superior authority.
The Training Committee was also strongly represented by core team members: Mr. Sattar Bux Korejo, Mr. Safdar Keerio, and Mr. Danish Talpur.
The seasoned mentors brought their invaluable experience to the table. Mr. Shams Qasim Junejo, Mr. Zuhaib Lakho, Mr. Noor Muhammad Korejo, Mr. Abdullah Junejo, and Mr. Suhail Ahmed Junejo shared their extensive past experiences and provided crucial insights to address current training concerns.
After finalizing the agenda points, the meeting ended with the Dua Sharif.