برگيڊيئر اعجاز شاھ جو بلور خاندان جي ڀاتين کي طالبانن جي هٿان مارائڻ وارو بيان ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته سدائين رياست دهشتگردن کي اڳتي ڪري سياستدانن کي مارائيندي آئي آھي, PDM جي جلسي يا اڳواڻن مان ڪنھنکي به ڪو هاڃو پھتو ته اسان ان کي رياست جي طرفان سمجھندا سين.
مولانا فضل الرحمان
انگيريزي جي مشھور چَوڻي آھي ته
"when rome was burning nero was playing fiddle"
جڏھن روم سڙي پيو تڏھن سندس بادشاھ وائلن پيو وڄائي.
ڪجھ ساڳيو حال هن وقت سنڌ واسين جو به آھي ڇو جو انھن کي سنڌ جي مسئلن جي بدران "بند ڪمري ۽ سندس چاٻي" جي سجيھ ڳڻتي آھي.
#sindhrejectsislandordinance
اي پي ايس واري حملي کانپوء مونکي هن ملڪ ۾ شھيد ٿيندڙ ھر معصوم جي خون جي پٺيان هڪڙا ئي قاتل نظر ايندا آھن. شيخ رشيد کي ڪيئن خبر پئي ته حملو ٿيڻ وارو آھي, بينظير واري قتل کان اڄ جي ڌماڪي تائين ۽ فرقيواريت واري قتلن جي به سڀ کان اڳ شيخ رشيد کي ڪيئن ٿي خبر پوي? #_پشاور_ڌماڪو
عمران خان مھاجرن جي چوڻ تي لڳي سنڌ جي وجود تي حملا ڪيا آھن,ان جو وڏو فائدو پيپلز پارٽي کي پھتو آھي ڇو جو سنڌي سندن خراب ڪارڪردگي هجڻ کانپوء به سنڌ جي ڪري پيپلن سان گڏ بيھڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.سنڌ واسي به وڏيرڪي ۽ڀوتارڪي نظام مان جان ڇڏائڻ ٿا گھرن پر سنڌي سنڌ تي ڪو به سودو نه ڪندا
اردو اسپيڪنگ علي عمران ۽ پنجاب جا رهاڪو مطيع الله جان ۽ ساجد گوندل ايجنسين جي هٿان کنڀيا ويا ته وٺ وارو ٿي وئي ۽ ايجنسين کي انھن کي 24 ڪلاڪن جي اندر ڇڏڻو پيو, پر سنڌي ۽ بلوچن ۾ ڪا ٻڌي ناهي جو اهي پنھنجي پيارن جي لاء آواز اٿارين.
#ٻڌي_۾_طاقت_آھي #BetterTogether
جسٽس قاضي فائز عيسئ صاحب جي ڪيس جو تفصيلي فيصلو اچي ويو, ريفرنس غير قانوني ۽ تمام چارچز ڪوڙا قرار. قانون جي وزير فرغ نسيم, چيئرمين ARU شھزاد اڪبر,چيئرمين FBR ۽ صدر پاڪستان کي ڏوھي قرار ڏنو ويو آھي.
224 پيجز جو فيصلو ۽ ان ۾ جسٽس منصور ۽ باقر جا الڳ اختلافي نوٽ به لڳل آھن
سنڌ پوليس جو وڏو قدم, آئي جي سنڌ جي رينجرز جي سيڪٽر انچارج جي هٿان کنڀجڻ تي سنڌ پوليس جي IG سوڌي 8 وڏن آفيسر هڪ ئي وقت ۾ موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي, ڊيوٽي ڪرڻ کان معزرت. بلاول زرداري جو آرمي چيف کان تحقيقات جو مطالبو ۽ آرمي چيف ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي اڳواڻي ۾ تحقيقاتي ٽيم جوڙي ڇڏي.
ڪالھوڪي جلسي ۾ سنڌ جي پارٽي سڏرائيندڙ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول زرداري طرفان سنڌ جي ٻيٽن بابت ڪا ڳالھ نه ڪئي وئي پر مولانا فضل الرحمان کُلي ڪري صوبن جي ملڪيت تي وفاق جي قبضي کي غنڊاگردي قرار ڏيندي PDM جي طرفان ان آرڊيننس کي رد ڪيو
#SupportPDM#SindhRejectsIslandOrdinance
اسان لاء آئيڊيل پارٽي اها هوندي جيڪا 18 ترميم جو دفاع ڪري,صوبن کي حق ڏي,سنڌ جي سلامتي جي ۽ سنڌ ۾ هلندڙ ڪارخانن ۾ سنڌي ماڻھون جي روزگار جي گارنٽي ڏي,سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪي. پوء اهو نواز شريف هجي يا مولانا يا عمران خان يا بلاول ان سان ڪو فرق نٿو پوي. باقي ڪرپشن مسئلو ناهي
تاريخ گواھ رهندي ته جڏھن سنڌ جي ميرن, پيرن, ڀوتارن ۽ سردارن سنڌ جي ٻيٽن جو سودو ڌارين سان ڪيو پئي ته سنڌ جا هٿين خالي پر سڄاڳ سنڌي هزارن جي انگ ۾ ٻيڙين تي چڙھي سامراج ۽ سندن ٽائوٽن کي اکيون ڏيکاريندي نظر آيا.سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ سندن دلير ڪارڪنن کي لکين سلام ❤
جسٽس قاضي فائز عيسئ جو هڪ ٻيو دبنگ فيصلو, عمران خان کي 9 آڪٽوبر تي انصاف لائير فورم سان ڪيل تقرير تي پڇاڻو. وزيراعظم سرڪاري خرچ تي ڪيئن پنھنجي پارٽي جي وڪيلن تنظيم جو فنڪشن ڪري ٿو سگھي? اٽارني جنرل ۽ وزيراعظم کي نوٽيس جاري, چيف جسٽس کي به ان معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست.
ڪڙيو گهنور ۾ مندر ۾ ڀڃ ڊاھ کانپوء اڄ ڪراچي ۾ مولانا محمد عادل کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي.ٻئي واقعا الڳ الڳ آھن پر سمجھ وارا سمجھن ٿا ته هٿ ڪنھنجو آھي.سنڌ ۾ مذھبي ۽ فرقيواريت پکيڙڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو ۽ سڄو فوڪس ٻيٽن تي قبضي ۽ حڪومت جي مھانگ۽ بيروزگاري جي خلاف احتجاج تي رکو