@MehakJalbani ڪنهن کي صرف ڪجهه ڏينهن يا هفتن ۾ ڄاڻڻ صرف "ڪشش" يا "پسنديدگي" ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو رڳو هڪٻئي جون سٺيون ڳالهيون ڏسندا آهن. سچي محبت کي پختو ٿيڻ لاءِ وقت لڳندو آهي.
گهرائين کي به ڏسڻو پوندو.
جڏهن تون ان جون خاميون محسوس ڪندينءَ، ان جي اونداهين کي ڏسندينءَ ۽ ان جي طوفانن کي سمجهندينءَ، تڏهن ئي فيصلو ڪري سگهندينءَ ته ان سان مڪمل محبت ڪرڻي آهي يا مڪمل نفرت.
ڇو ته اصل محبت تڏهن شروع ٿيندي آهي، جڏهن شروعاتي جوش ۽ جذبو ختم ٿي ويندو آهي. ❤️
نئين شروعات جي خوشي ۽ جوش کي محبت نٿو چئي سگهجي!
تون ڪنهن سان هڪ هفتي يا مهيني ۾ محبت نٿي ڪري سگهين. سمنڊ جي ڪناري تي بيهي، سمنڊ سان عشق نٿو ڪري سگهجي. ان جي گهرائين ۾ لهڻو پوندو، ان جي لهرن جا ڌڪ سهڻا پوندا، ڪڏهن ڪنهن پٿر سان ٽڪرائجي زخمي به ٿيڻو پوندو، ۽ ان جي اونداهين
اسان نٿيون چاهيون ته ٻين جي دلين جي ڪڙواڻ اسان جي روح جي پاڪيزگيءَ کي داغدار ڪري.
ڇو ته ڪجهه دليون اهڙيون هونديون آهن، جن کي مايوسين ۽ نااميدين جو بار کڻڻ باوجود به پنهنجي پاڪيزگي برقرار رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو هوندو آهي. ❤️
محبت صرف اهڙو دل ڳولڻ جو نالو ناهي، جيڪو توسان محبت ڪري، پر اهڙي روح ملڻ جو نالو آهي، جنهن سان تون پاڻ کي گهر جهڙو محفوظ ۽ سڪون ۾ محسوس ڪرينءَ. جنهن جي موجودگيءَ ۾ وڇوڙي جو خوف نه رهي ۽ پنهنجي احساسن کي بيان ڪندي ڪڏهن به ٿڪ محسوس نه ٿئي.
مان توکي سڃاڻي سگهيس ۽ تو تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي اندر جي هر جنگ وڙهيس. مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿي، جو مون کي محبت جو احساس نصيب ٿيو ۽ توکي پنهنجو بڻائڻ لاءِ مون ڪيترائي خطرا کڻڻ جي همت ڪئي. ❤️