24 مئي اهو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن هڪ بهادر ۽ بيباڪ صحافي نصرالله گڏاڻي وڇڙي ويو. هن پنهنجي قلم، آواز ۽ سچ جي جدوجهد سان هميشه مظلومن جي حق ۾ ڳالهايو ۽ ظلم خلاف بيهي رهيو. سندس شهادت صرف هڪ صحافي جو وڇوڙو نه، پر سچ جي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش هئي.
ارباب امبرين
انساني زندگيءَ جو سڀ کان وڏو حسن اهو آهي ته انسان ٻين جي ڏکن ۾ ساٿ ڏئي، سندن تڪليف گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ڪنهن مايوس دل لاءِ آسرو بڻجي. دنيا ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن درد، پريشاني يا آزمائش مان گذري رهيو آهي. ڪي ماڻهو غربت جي تڪليف ۾ آهن، ڪي بيماريءَ سان وڙهي رهيا آهن، ته ڪي وري اڪيلائي، ناانصافي يا مايوسيءَ جو شڪار آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن ڪو انسان سندن مدد لاءِ اڳتي اچي، ته اهو عمل صرف هڪ مدد نه، پر انسانيت جي وڏي خدمت بڻجي وڃي ٿو۔
ڪنهن درد مند جي ڪم اچڻ لاءِ ضروري ناهي ته انسان وٽ تمام گهڻو مال يا طاقت هجي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ سٺو لفظ، همدرديءَ ڀريو رويو، ڪنهن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌڻ يا ننڍڙي مدد به ڪنهن ٽٽل دل کي همت ڏئي سگهي ٿي. بکئي کي ماني کارائڻ، بيمار جي عيادت ڪرڻ، غريب جي مدد ڪرڻ، يتيم جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ ۽ مظلوم لاءِ آواز اٿارڻ اهي سڀ انسانيت جا خوبصورت مثال آهن۔
اسان جي سماج ۾ اڄ ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي صرف ان ڪري وڌيڪ ٽٽي پون ٿا، ڇو ته کين ڪو ٻڌڻ وارو يا سمجهڻ وارو نٿو ملي. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي آس پاس ڪنهن هڪ درد مند انسان جو سهارو بڻجي وڃي، ته سماج مان نفرت، مايوسي ۽ اڪيلائي گهڻي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿي۔
اسلام به انسانيت، رحم دلي ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. حضور پاڪ ﷺ جن فرمايو ته “بهترين انسان اهو آهي، جيڪو ٻين لاءِ وڌيڪ فائديمند هجي.” تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي ذات تائين محدود نه رهون، پر ٻين جي ڏکن کي به پنهنجو سمجهيون۔
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن درد مند جي ڪم اچڻ سان نه صرف ٻئي انسان جي زندگي آسان بڻجي ٿي، پر مدد ڪندڙ انسان جي دل کي به سڪون ملي ٿو. انسانيت جو اصل حسن ئي هڪ ٻئي لاءِ آسرو بڻجڻ ۾ آهي.
مڪمل تفصيلن سان ڪينالن کي ڏھ ڪروڙن سنڌين لاء موت ثابت ڪرڻ جا ثبوت ڏئي ،پنجاب پنھنجن سٺ جي ڏھاڪي م وڪرو ڪيل ٽن دريائن جي ڳالھ ٻڌائي کين وائکو ڪري سنڌو جو ڪيس مظبوط ڪيو آھي .
سنڌو درياء کي بچائڻ لاء ڌرتيء جي حلالي پٽن جي جدوجھد رنگ لائي پئي .
سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر علي گل ميتلو Gul Metlo کي سلام آھي جنھن ڪينالن لاء قرض ڏيندڙ ورلڊ بينڪ جي اڳواڻ کي خط لکي ، 2
#Nomorecanalonindusriver
بدين اي سي راجيش جي ڪتابن جي اسٽال تي ڪاھ ڪتاب پٽ تي اڇلي شاميانا پٽي ڇڏيا ۽ ڪچھ دير کان پوء دوبارا معافي وٺي اسٽال لڳائڻ جي اجازت ڏني ،
ھن کي شايد ڪتابن جي اھميت خبر ناھي لڳي ٿو ته ھو پئسا ڀري :اي سي : ٿيو آھي ، اگر ڪامورا اھا ڪاوڙ منشيات جي اڏن تي ڏيکارن ھا ته بھتر ھو ، 😢