شڪر الحمد لله
I walked through axioms, I climbed every lemma.
This degree is the flame, not just the schema.
پوئين سال ايم ايس پوري ڪئي، اڄ ڊگري خير سان ملي وئي
اڳيون نشانو: PhD
@ArbabAmbreen ڀلي ڪُڏن ھي ظلمتون!
مگر پرھ پري نہ آ
طويل کان طويل رات جو بہ آھي خاتمو!
شعورَ جا شعاع رات جي سياھ پوتڙي مان نيٺ ليئا پائيندا
غلام شب جي نرڙ تي آزاد سج اڀرندو
تمام جلد اڀرندو
تمام جلد اڀرندو
اي سنڌ جا مھامنش!
اي سنڌ جا مھاتما!
@ArbabAmbreen گھري جي ڪوئي پنھنجو حق، تہ دار تان نثار ٿئي
ڪڇي جو ڪو، تہ وات تي بندوق جا ھٿيا لڳن
ھلي جو ڪوئي ڪنڌ کڻي، تہ ڪنڌ کي ڪپيو ڇڏين
اسانجا بي گناھ روز نوجوان مارجن
شعور جا ھڙيئي طُور ڏاڍ سان ٿا ڏارجن
مگر ھي ظلم ڪيترو?
انڌيري رات ڪيتري?
ڀلا انڌير ڪيترو?
@ArbabAmbreen اي سنڌ جا مھاتما!
تون سنڌ جو ابو ھئين
تون سنڌ جي امڙ ھئين
تون سنڌ جي درخت ۾ لڳل مٺو ثمر ھئين
تون موت کان مئو نہ آن
تون جيئري امر ھئين
تون پيار جي بھار ھئين
ڏڪار م سڪار ھئين
لطيف تنھنجو عشق ھو
اياز جو تون پيار ھئين
تون سنڌ جو سڪون ھئين
تون سنڌ جو قرار ھئين!
@ArbabAmbreen اي سنڌ جا مھا مَنش!
اي سنڌ جا مھاتما!
سوا تو، سنڌ بيوسي جي غار م رھَي پئي
سوا تو، جُوءِ جھونڙي ڏڪار، م جيئي پئي
نہ ڪوئي ڪيس واھرو
نہ ڪوئي کيس ڀرجھلو
مصيبتن جي ڄار ۾ آ سنڌ ويڙھجي وئي
خوشي بلوچ مرد جيئن اوچتو کڄي وئي!
علي رضا ڪوثر