"مرڻ مون سين آءُ..."
(صاحب خان ڀنڊ @SKBhand25 )
زندگي انسان لاءِ هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن جي شروعات جنم سان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي موت تي اچي ٿي. هن سفر دوران انسان خوشي، غم، محبت، وڇوڙو، اميد، مايوسي، ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جا بي شمار رنگ ڏسي ٿو. انسان جي زندگيءَ ۾ سڀ کان گهرو ۽ سچو تعلق اهو هوندو آهي، جنهن ۾ ساٿ رڳو خوشين تائين محدود نه هجي، پر ڏک، تڪليف ۽ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهي.
سنڌ جي مٽيءَ سان محبت صرف شاعريءَ جو موضوع ناهي؛ اهو هڪ احساس، هڪ تاريخ، هڪ سڃاڻپ ۽ هڪ ذميواري آهي. سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي دور آيا، ڪيترائي حڪمران آيا ۽ ويا، ڪيترين ئي ڌارين طاقتن هن ڌرتيءَ تي پنهنجو اقتدار قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سنڌ پنهنجي وجود، ثقافت، ٻولي ۽ سڃاڻپ سان قائم رهي. اڄ جڏهن سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن سنڌ جي تاريخ، شاهه لطيف جي فڪر ۽ سراج جي ادب مان هڪ ئي آواز اڀري ٿو: "مرڻ مون سين آءُ!"
هي صرف ھڪ اڌ سٽ تي مشتمل لفظن جو مجموعو ناهي؛ پر هي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو اعلان آهي، هي پنهنجي وطن جي سلامتيءَ لاءِ آخري گهڙيءَ تائين بيهڻ جو پيغام آهي، هي سنڌ جي وحدت ۽ سڃاڻپ کي بچائڻ جو عزم آهي. جن لاءِ "سنڌ وطن" آھي انھن لاءِ شاھ لطيف جو ھي بيت سنڌ سان ھميشہ جو ساٿ ۽ سچائي جو آخري سفر ھوندو . شاهه لطيف "مرڻ مون سين هل" ۾ انساني زندگيءَ جي هڪ وڏي سچائي بيان ڪئي آهي. جيئڻ جا لاڳاپا گهڻن سان ٿي سگهن ٿا، پر آزمائش، قرباني ۽ آخري وفاداريءَ جو ساٿ ڪجهه ئي ماڻهن سان نڀائبو آهي. لطيف وٽ "مرڻ" صرف جسماني پڄاڻي نه، پر عزم، سچائي ۽ قربانيءَ جي علامت پڻ آهي.
سنڌ جي حوالي سان جيڪڏهن هن بيت کي ڏسون ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڌرتي پنهنجي ماڻهن کي سڏي رهي هجي ۽ چئي رھي ھجي تہ جيئڻ لاءِ ته دنيا ۾ هزارين رستا آهن، پر وطن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪڏهن قربانيءَ جو وقت اچي ته پنهنجي ڌرتيءَ کان منهن نه موڙجو.
هي فڪر تشدد جو نه، پر وفاداريءَ، ثابت قدميءَ ۽ وطن سان آخري دم تائين محبت جو پيغام آهي. سنڌ جي عظيم اديب ۽ دانشور سراج الحق ميمڻ پنهنجي تاريخي ناول "مرڻ مون سين آءُ" ذريعي سنڌ جي تاريخي شعور، وطن دوستي ۽ ڌرتيءَ سان وابستگيءَ کي هڪ زنده ادبي روپ ڏنو. هي ناول سندس مشهور تاريخي ناول "پڙاڏو سوئي سڏ" سان فڪري ۽ تاريخي تسلسل رکي ٿو. سراج تاريخ کي رڳو گذريل واقعن جي ڪتاب وانگر نه ڏٺو، پر هن سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي قوم لاءِ هڪ نه پر ڪيئي سوال ڳولھيا جيئن ، قومون ڪيئن زنده رهنديون آهن؟ ڌرتي "ماءُ " جي بقا ڇا ۾ آھي؟ ۽ ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ثقافت ڪهڙي ريت قائم رهندي آهي؟
سراج جي "مرڻ مون سين آءُ" ۾ سنڌ جي سالميت ۽ آبروءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ اھم ڪردارن (سانوڻ، وريام، ڏاتر ڏنو ، جاکرو ۽ جيوڻ ) جو تصور نمايان آهي. ناول جي پسمنظر ۾ سنڌ جي ڌرتي، ان جي تاريخي مزاحمت ۽ پنهنجي وطن سان وفاداريءَ جو احساس موجود آهي. انهيءَ ڪري اڄ جڏهن ھي ناول پڙهجي ٿو ته اهو صرف هڪ تاريخي ناول جو عنوان محسوس نٿو ٿئي؛ اهو هڪ فڪري سوال بڻجي سامهون اچي ٿو: جيڪڏهن سنڌ جي وحدت، سلامتي ۽ سڃاڻپ کي چئلينج ڪيو وڃي ته اسان جو رويو ڇا هوندو.؟ سنڌ صرف جاگرافيءَ جو نالو ناهي. سنڌ هڪ تاريخي تسلسل آهي. سنڌو درياهه جي وهڪري کان وٺي موهن جي دڙي تائين، ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين، ٿر جي واريءَ کان ڪشمور جي ميدانن تائين، هي "سڀ رنگ سانول " هڪ ئي تاريخي ۽ ثقافتي سلسلي جو تسلسل آهن. سنڌ جي خوبصورتي ۽ بقا ان جي وحدت آهي.
هتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، مختلف ثقافتن جا رنگ موجود آهن، مختلف برادرين ۽ مذهبي گروهن جا ماڻهو آباد آهن، پر سنڌ جي اصل سڃاڻپ انهن سڀني کي گڏ ڪرڻ ، گڏ کڻي ھلڻ ۽ گڏ رھڻ ۾ آهي، جدا ڪرڻ ۾ نه آھي. تصور ڪريو ته شام جو سج سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ لهڻ لڳو ھجي. درياهه جي لهرن تي سونهري روشني پکڙيل ھجي. ڪنهن پاسي کجين جا وڻ هوا ۾ جهومي رهيا ھجن، ڪنهن پاسي ٻنين ۾ فصل جُھمر ھڻي لھرائي رهيا ھجن. پري پري تائين ٿر جي واريءَ تي سج جا آخري ڪرڻا پکڙيل ھجن. ٻئي پاسي ڪراچيءَ جي شاهراهن تي زندگي پنهنجي رفتار سان ڊوڙي رهي ھجي. لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين، ٿرپارڪر، خيرپور ۽ ڪشمور سميت سڀني شھرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي روزمره زندگيءَ ۾ مصروف ھجن. هي سڀ منظر الڳ الڳ ضرور آهن، پر ڌرتي هڪ آهي. انهيءَ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ تھذيب ۽ تاريخ جي خوشبو آهي. انهيءَ مٽيءَ ۾ موهن جي دڙي جا نشان آهن، ڀٽائيءَ جو پيغام آهي، سچل جو عشق آهي، جي ايم سيد جو ساھ آھي، ساميءَ جو امن آهي، بخاري جو حسن آھي، شيخ اياز جو رومانس آھي. امر جليل جي افسانن ۾ جيڪا "سنڌو" لاءِ محبت آھي، شاھ عنايت جي نعري "جيڪو کيڙي سو کائي" ۾ جيڪا بغاوت آھي. آغا سليم جي ھم اوست ۽ اناالحق جي جيڪا صدا آھي ۽ سراج جي ناولن ۾ جيڪو زنده شعور آھي ، اھو سڀ ڪجھ ڪنھن اوپري وطن جي لاءِ نه پر ھن سنڌ ڌرتي لاءِ آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھن ڌرتي جي نالي تي ماضي ۾ ڪيترائي ڪاروبار ٿيا ، ڪي پي کان وٺي قلات تائين جي ٺيڪن ۾ حصو پتي ڳنڍي ڪيترائي سال سنڌ اندر "قومي راڳ" ڳايو ويو. جنھن راڳ ۾ ورڪر ۽ ڪارڪن صرف سازدا بڻيا پر اصل راڳي رھبر ۽ رھزن ھئا، اھو ھڪ وڏو ۽ طويل بحث آھي ته آخرڪار موقعي پرستي ۽ مفاد پرستي جي ور چڙھي ويل سنڌ جي قومي تحريڪ يا قومپرست سياست اھي گھربل نتيجا ڇو نه ڏئي سگھي. تنھن ھوندي به جڏهن ڪو ڪائنر هن گڏيل وجود کي ٽڪرن ورھائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن ڄڻ سنڌ جي هر وڻ، هر واٽ ۽ هر لهر مان هڪ آواز اچي ٿو: سنڌ ھڪ ھئي ۽ ھڪ رھندي..!
پر ياد رکو ته سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ شايد نقشو ته ورهائڻ چاهيندا ھجن ، پر ڇا هو تاريخ ورهائي سگهندا؟ ڇا سنڌو درياهه جي وهڪري کي ورهائي سگهندا؟
ڇا شاهه لطيف جي شاعريءَ کي ورهائي سگهندا؟ ڇا موهن جي دڙي جي تاريخ کي ورهائي سگهندا؟ ڇا ڪراچيءَ کي باقي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کان جدا ڪري سگهندا؟
سنڌ جو وجود صرف حدن ۾ ورھايل ناهي؛ ھي ڌرتي سنڌي ماڻهن جي گڏيل تاريخ، گڏيل ورثي ۽ گڏيل مستقبل جو نالو آهي.
اڄ سنڌ کي ورهائڻ بابت جيڪي به سياسي يا لساني لغڙ اُڏائن ٿا، انهن کي جذبات، نفرت ۽ تڪرار جي بنياد تي جواب ڏيڻ بدران تاريخ، دليل، آئين، جمهوريت ۽ قومي يڪجهتيءَ سان جواب ڏيڻ گهرجي.
سنڌ جي حفاظت جو مطلب ڪنهن ٻئي سان دشمني ڪرڻ ناهي. سنڌ جي محبت جو مطلب ڪنهن ٻي ٻولي يا قوم کان نفرت ڪرڻ ناهي. سنڌ جي سلامتيءَ جو مطلب ماڻهن کي جدا ڪرڻ ناهي. بلڪه سنڌ سان سچي محبت جو مطب آهي ته سنڌ جي وحدت جو احترام ڪجي، سڀني شهرين جي برابري ھجڻ گھرجي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ھجڻ گھرجي گڏو گڏ ٻولي ۽ ثقافت جو تحفظ پڻ ھئڻ گھرجي. صوبي جي شهرن ۽ ٻهراڙين جي گڏيل ترقي ، نفرت بدران ڀائيچارو، ۽ اختلافن جو حل آئين ۽ جمهوريت جي دائري ۾ ھجڻ گھرجي. سنڌ کي ورهائڻ جو جواب سنڌ کي وڌيڪ مضبوط، وڌيڪ منصفاڻو ۽ وڌيڪ متحد بڻائڻ آھي. اڄ "مرڻ مون سين آءُ" کي اسان کي نئين فڪري معنيٰ سان پڙهڻ گهرجي. تي جيئن ھڪ نئين جذبي ۽ نئين دور جي للڪار بڻجي پوي. ان جو مطلب اهو نه آهي ته موت جي طلب ڪجي، ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ سان وفاداريءَ جي وقت پوئتي نه هٽجي. اچو ته سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ پنهنجو قلم، پنهنجو علم ۽ پنهنجو ڪردار استعمال ڪريون. نفرت جي جواب ۾ محبت، ورهاست جي جواب ۾ وحدت ۽ ناانصافيءَ جي جواب ۾ دليل پيش ڪريون.
اڄ جي للڪار هي ھجڻ گھرجي ته:
اي سنڌ جا نوجوانو!
ڌرتيءَ کي کوکلن نعرن سان نه پر علم سان بچايو، نفرت سان نه، اتحاد سان بچايو. تشدد سان نه، جمهوريت سان بچايو، ۽ سنڌ کي ٽڪرن ۾ نه، هڪ گڏيل مستقبل جي صورت ۾ ڏسو. جنھن جي نتيجي ۾ " مرڻ مون سين آءُ " شاهه لطيف جي شاعراڻي عظمت، سراج جي تاريخي شعور ۽ سنڌ سان لازوال محبت جو هڪ علامتي عنوان بڻجي سگهي ٿو. هي لفظ اسان کي سيکارين ٿا ته وطن سان محبت صرف تقريرن ۽ نعريبازيءَ جو نالو ناهي؛ وطن سان محبت ذميواري، سچائي، اتحاد ۽ حفاظت جو نالو آهي. سنڌ جي سلامتي اسان سڀني جي ذميواري آهي. سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن لاءِ سڀ کان مضبوط جواب نفرت نه، پر هڪ اهڙي مضبوط، متحد ۽ منصفاڻي سنڌ آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو پاڻ کي برابر جو شهري سمجهي، ۽ پوءِ لطيف جي ان لازوال صدا جي پسمنظر ۾، سراج جي قلم جي روشنيءَ سان، هڪ آواز بلند ٿئي ٿو:
مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
سنڌ سان محبت، سنڌ جي سلامتي ۽ سنڌ جي وحدت لاءِ اسان سڀني جو سفر گڏ آهي، اسان جو عزم گڏ آهي، ۽ اسان جو مستقبل به گڏ آهي. سنڌ کي رڳو سانوڻ يا وريام جي ضرورت ڪانھي، ھر ھڪ سنڌيءَ جي ضرورت آھي، جيڪو جياپي لاءِ سِر گھورڻ لاءِ ھر وقت تيار ھجڻ گھرجي..!
@fidahjatoi02
Federal Minister for National Heritage and Culture Aurangzeb Khan Khichi has emphasised importance of protecting the country’s archaeological heritage and ensuring effective measures for the preservation of #MohenjoDaro for future generations.
https://t.co/4NTquVnTtQ
📢
World of gypsiez #WoG
پھريون دفعو ايڪس (ٽوئٽر) اسپيس تي
Sindhi Virtual Poetry Festival
سڀني شاعر دوستن، شاعري سان چاھُ رکندڙن لاء ھي پھريون اسپيس رکيو آھي. نوجوان شاعر دوستن کي مڪمل موقعو ڏنو ويندو.
فيسٽيول جا خاص مھمان شاعرن جا نالا سڀاڻي پوسٽ ذريعي ٻڌايا ويندا.
🙏
first ever
Sindhi Virtual Poetry Festival
۾ اسان سان گڏ ھوندا سنڌ جا ناليوارا شاعر،اديب ۽ ليکڪ صاحب خان ڀنڊ
@SahibKhanBhand
ھو شاعري سان گڏ مختلف سماجي ۽ ادبي موضوعن تي پنهنجا ويچار لکندا رھيا آهن.
#WoG
Protest held outside Sindh Public Service Commission #SPSC against the allegedly biased result of the Combined Competitive Examination #CCE24. Candidates and participants demanded transparency, merit-based evaluation, and a fair review of the examination process.