فرزانہ زہری کو ایف سی والو نے خضدار سے لاپتہ کر دیا انکو بازیاب کیا جائے۔ وہ ایک عام گھریلو لڑکی ہے علاج کے متعلق ہسپتال سے گھر آ رہی تھی تب اسکو لے گئے ابھی تک انکا کچھ اتا پتا نہیں ۔
اس ریاست نے بلوچ مردوں کے ساتھ اب بلوچ عورتوں کو بھی لاپتہ کرنا شروع کر دی ۔
ماہ زیب نے کم عمری میں ہی مزاحمت سیکھ لی۔ گزشتہ سات برسوں سے جبری طور پر لاپتہ اپنے چاچا راشد حسین کی بازیابی کے لیے وہ ہاتھوں میں ان کی تصویر اٹھائے کوئٹہ، کراچی اور اسلام آباد کی سڑکوں پر مسلسل سوال اٹھا رہی ہے، یہ سوال کہ راشد حسین زندہ ہیں یا نہیں، اور اگر ہیں تو کہاں ہیں۔
مگر اس سوال کی قیمت اسے بار بار چکانی پڑی۔ اس سوال کے جواب میں اسے ہر قسم کی تشدد کا سامنا کرنا پڑا، کوئٹہ کی پریس کلب کی احتجاجوں پر اسے ڈرانے دھمکانے کی کوششیں کی گئیں، اسلام آباد کی یخ بستہ راتوں میں اسے جیل کی کوٹھڑیوں میں بند کیا گیا، کراچی کی سڑکوں پر گھسیٹا گیا، اس تمام ریاستی جبر کے باوجود ماہ زیب نہ خاموش ہوئی، نہ پیچھے ہٹی
اور آج، اسی آواز کو ایک اور طریقے و ہتھکنڈے سے دبانے اور کمزور کرنے کے لیے ، ریاست نے اس کے والد کو جبری طور پر لاپتہ کر دیا۔
شهيد ذاهد لغاريء سنڌ ماءُ جو هلالي فرزند!
دنيا ۾ باضمير قومن جي لاء وطن سمورين شين کان مقدس هوندا آهن، ان ڪري دنيا جي تمام گهڻين قومن جي محب وطن ماڻهن پاران قابض، فاشسٽ رياستن ۽ انهن جي دلال جاگيردارن خلاف وطن جي آزاديء وقار ننگن ۽ دننگ جي حفاظت خاطر تمام وڏيون جدوجهدون ڪيون آهن، ڌرتيء جي وارثن هارين، پورهيتن، شاگردن نوجوانن شهرن ۽ ڳوٺن جي آبادين ملي ڪري قابضي سامراجي قوتن ۽ انهن جي دلالي ڪندڙ ضمير ۽ وطن فروش جاگيردارن خلاف وڏيون ويڙهون وڙهيون آهن، فرانس ۾ قابض رياست، شهنشاه، جاگيردار طبقي ۽ تنگ نظر انتها پسند ٽولن خلاف اتي جي باشعور ماڻهن روشن خيالي ۽ سماجي برابري لاء ويڙهه ڪئي، ويتنام جي محب وطن ماڻهن پنهنجي وطن کي ڌارئي سامراجي قبضي ۽ غلاميء مان آزاد ڪرائڻ لاء چوٽان چوٽ ويڙهه وڙهي سامراجي قوتن کي بدترين شڪست ڏني ۽ وطن کي ڌارئي قبضي غلاميء ڦرلٽ جبر کان آزاد ڪرايو، هندستان ۾ ۱۸۵۷ جي بغاوت، نيتا جي سڀاش چندربوس جي آزاد هند فوج جي مزاحمت ۽ ان وقت سنڌ ۾ پير سائين پاڳاري جي اڳواڻيء ۾ حر تحريڪ جي ويڙهه انگريزن کي هندستان مان ڀڄي جان ڇڏائڻ کان سواء ٻي ڪابه واٽ نه بچائي ۽ انگريز قبضو ختم ڪندي ڀڄي ويا، ويتنام ۾ محب وطن سياسي ڪارڪنن جي مزاحمت هجي الجيريا ، ڪوريه چين سميت دنيا ۾ هر غلام قوم پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آزادي لاء بيخوف سياسي مزاحمت ۽ پرعزم قومي جدوجهد ڪئي آهي، اهڙيء طرح سنڌ جيڪا هزارين سالن کان هڪ آزاد باوقار ملڪ رهيو آهي، سنڌ جيڪا ڌرتيء جي گولي تي رهندڙ انسانن جي تهذيبن ۽ ٻولين جي ماءُ ڌرتي رهي آهي، سنڌ جنهن دنيا جي پهرين ڪتاب رگويد جو صورت ۾ لکيو، سنڌ جنهن انساني تاريخ ۾ پهرين شهري رياست موئن جو دڙو جو بنياد وجهي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، ان سنڌ وطن کي مذهب جي نفسياتي حربي ۽ پنجابي فوج جي بندوق جي ڏاڍ تي نام نهاد ٻه قومي ڌوڪي فريب ۽ غير فطري رياست پاڪستان ۾ قيد ۽ غلام بنايو ويو آهي، ان سنڌ وطن لاء رهبر سنڌوديش سائين جي ايم سيد جي فڪر هيٺ قومي تحريڪ پاران سنڌوديش وطن جي آزاديء لاء جدوجهد ڪئي پئي وڃي، جنهن دوران قومي تحريڪ جي ڪيترن ۽ بهادر پٽن شهيد بشير خان قريشي، شهيد مظفر ڀٽو، شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد سميع الله ڪلهوڙو، شهيد نورالله تنيو، شهيد ذوالفقارڪولاچي، شهيد افضل پنهور، شهيد روپلو چولياڻي شهيد راجه ڏاهر ڀنڀرو، شهيد منير خان چولياني، شهيد ساجن ملوکاڻي سميت ڪيترن ئي ڌرتيء جي هلالي فرزندن سنڌ امڙ جي آزاديء وقار لاء جدوجهد ڪندي پنهنجيون جانيون قربان ڪيون آهن، اڄ انهن شهيدن ۾ شهيد ذاهد لغاريء جو نالو پڻ تاريخ جي امر ڪردارن جي صورت ۾ جڙي ويو آهي، باشعور سنڌي هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکن ته سنڌ کي پنجاب سامراج پنهنجي بيٺڪيت ۽ غلام بنائي سنڌ جي درياهه جي پاڻيء تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، سنڌ جي وسيلن معدني ذخيرن کي ڦري لٽي رهيو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي پنجابي فوج والار ۽ يلغار ڪندي قبضو ڪري رهي آهي، سنڌي قوم جو قومي وجود ۽ سنڌ جو وطني تشخص هن پاپي پاڪستان ۾ سخت خطري هيٽ آهي، ان ڪري سنڌ جا نوجوان پنهنجي وطن سنڌوديش جي آزاديء لاء دودا، ڏاهر، درياخان بنجي، مظفر، سرائي ۽ سميع االه بنجي سنڌوديش وطن جي آزاديء لاء پنهنجي جانين جون قربانيون ڏيئي رهيا آهن ۽ هي سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين سنڌوديش وطن کي پنجابي سامراج جي قبضي غلاميء ۽ ذلت مان آزاد نٿا ڪرايون، شهيد ذاهد لغاريء جي شهادت تي سموري سنڌ سوڳوار به آهي ته سموري سنڌ ۾ رياست ۽ پنجاب سامراج خلاف تمام گهڻي ڪاوڙ ڪروڌ ۽ نفرت آهي، اچوته پنجاب سامراج خلاف سنڌي قوم جي ان اجتماعي قومي نفرت کي جدوجهد ۾ تبديل ڪريون ۽ ان جدوجهد کي سنڌوديش وطن جي آزاديء واري مقصد سان سلهاڙيون، جيئن غلاميء جي پاڙن کي هميشه لاء پٽي ناس ڪري سگهجي. هيء رياست پاڪستان ۽ پنجابي سامراج شهيد ذاهد لغاريء جا اصل قاتل آهن ۽ اسان سموري سنڌي قوم کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته شهيد جي خون جو بدلو آزادي آهي، جيڪا هڪ ڏينهن ضرور ۽ هر حال ۾ حاصل ڪنداسين. سنڌ جو هاڻ قومي نعرو آهي ته
" قابض پنجابي فوج سنڌ مان نڪري وڃو"
هاڻ سنڌ جي هر سياسي عمل ۾ پنجاب جي روڊن رستن کي ويران ڪيو ويندو، رياست ۽ انهن جي دلالن کان سنڌ جي ڪونڌ پٽن جي وهايل خون جي هڪ هڪ ڦڙي جو بدلو ورتو ويندو.
شفيع برفت
چيئرمين جسمم