جيئي سنڌ محاذ ھڪ سيڪيولر قومپرست ۽ آزادي پسند جماعت آھي اسان سنڌ ۾ ھر قسم جي انتھاپسندي کي رد ڪريون ٿا اسان واضع چئون ٿا ته غلام احمد قادياني بـ انگريزن جو نوازيل جاگيرون ۽ رعايتون وٺندڙ اسلام جي غلط تشريع ذريعي نفاق پکيڙيندڙ ملان ھو مولانا فضل رحمان ۽ راشد سومرو بـ اسلام آباد جا مراعات يافتا پئن اسلام ازم جا پرچارڪ نبي سائين صلعم جي بقاء باھمي واري دين جي غلط تشريع ڪندڙ تنگ نظر ۽ مذھب کي وڪرو ڪندڙ دھشتگرد آھن ٽن منٽن جي وڊيو پيغام ذريعي اسان جي چيئرمين محترم رياض علي چانڊيو جتي مذھبي جنونيت کي مدلل نموني رد ڏنو آھي اتي پاڻ سڳورن جي اعلي شخصيت کي جيڪو خراج پيش ڪيو آھي اھو جاھل ۽ ذھني بيمار فتواباز ملن کي نظر نٿو اچي؟ اسين ڪنھن بـ فرقي جا حامي ناھيون پوء اھو قادياني ھجي بريلوي ھجي شيعا ھجي يا سني ھجي اسين انسان ذات سان جملي محبت ٿا ڪريون مذھبن کي بنيادي نظريو ٿا سمجھون ۽ سمورن مذھبن جو احترام ٿا ڪريون پر ڪنھن بـ انسان کي مذھب ۽ فرقي جي آڙ ۾ مارڻ جي حمايت نـ ڪنداسين نـ وري ڪنھن خاص مذھبي جماعت جھڙوڪ جي يو آء جي کي اھا اجازت ڏينداسين تـ اھا سنڌي ماڻھن جا در کڙڪائي کانئن پڇي ته اوھين مسلمان آھيو؟اوھين قادياني آھيو؟ اوھين صوفي آھيو؟ اوھين عيسائي آھيو؟ اوھين ھندو آھيو؟ ڪير ٿيندو آھي راشد سومرو ۽ سندس حواري ٽولو دين جو ٺيڪو کڻڻ وارو جيڪو فتوائون کڻيو بداخلاقي ڪندو ماڻھو بو ماڻھو بو ڪندو گاريون ڏيندو وتي اڌ کان وڌيڪ آء ڊيون تـ ملان راشد سومرو پاڻ ٿو ھلائي ۽ ان تان نھايت بداخلاقي تي ٻڌل ٻولي ٿو لکي سندس اصليت سنڌ جي عوام آڏو پڌري ٿي چڪي آھي ياد رکو وحشي ملان تـ رياض علي چانڊيو سنڌي قوم جو محافظ آھي ھو رنڪل ڪماري جو بـ وارث ٿيندو آھي ڀوري ڀيل جو بـ ڌڻي ٿيندو آھي امام بارگاھ ڪربلا شڪارپور جو بـ مالڪ ٿي بيھندو آھي ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر جي بـ وارثي ڪندو آھي ھو ان معاملي ۾ ذاتي تعلق دوستيون سڀ ختم ڪري وطن جي ڌر ٿي بيھندو آھي اسان وٽ بـ لکڻ لاء گھڻو ڪجھ آھي پر اسان جي تربيت ۾ گاريون شامل ناھن اسان امن اتحاد ۽ رواداري جا مبلخ آھيون پنھجي زبان اخلاق لھجو ۽ لکت توڙي مذھب جي آڙ ۾ ڪاروباري روش تبديل ڪريو متان اڄ جيئن مولانا فضل رحمان پنھجي ئي دکايل باھ سبب ذاتي ڳوٺ ڪونـ ٿو وڃي سگھي متان سڀاڻي ملان راشد سومرو بـ لاڙڪاڻي نـ وڃي سگھي
نواز شاهه ڀاڏائي
میرپورخاص جئے سندھ محاذ کی جانب سے کارپوریٹ فارمنگ، پانی اور معدنی وسائل کی چوری، مذہبی انتہا پسندی اور ہندو لڑکیوں کے اغوا کے خلاف میرپورخاص بس ٹرمینل سے مارکیٹ چوک تک 8 کلومیٹر پیدل مارچ نکالا گیا، مارچ کی قیادت پارٹی کے سربراہ ریاض چانڈیو اور سینئر وائس چیئرمین سید نواز شاہ نے کی جبکہ مارچ میں مقامی قیادت اور کارکنوں سمیت ہندو برادری کے لوگوں نے بھی بڑی تعداد میں شرکت کی۔ٹائم نیوز پر بریکنگ
#NoMoreCanalsOnIndus
#SindhRejectsCorporateFarming
جيئي سنڌ محاذ جي ريلي سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪينالن خلاف۔ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مذهبي انتهاپسندي خلاف هندو نياڻين جي اغوائن خلاف دهشتگردي خلاف قومي تحريڪ تي ٿيندڙ غيرقانوني تشدد ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف۔ مرڪزي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ميرپوخاس پهچي رهي آهي
19 جولاء تي #ميرپورخاص
جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياه تي قبضي ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي والار سنڌي هنڌن جي نياڻين جي جبري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف هڪ عظيم عاليشان احتجاجي مارچ ڪيو ويندو