جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين شفيع برفت پاران جسمم جي شهيد سينيئر وائيس چيئرمين سرائي قربان کهاوڙ جي گهر تي سنڌ پوليس پاران ڪيل چڙهائي، چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس جي کليل ڀڃڪڙي، ۽ شهيد جي وارثن کي حراسان ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وڃي ٿي۔
اسان واضح طور تي سمجهون ٿا ته شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي گهر تي پوليس چڙهائي، شهيد جي خاندان کي خوف ۽ دٻاءَ هيٺ آڻڻ، ۽ شهيد جي فرزند شير کهاوڙ کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون رياستي دهشتگردي، سياسي انتقام، ۽ بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن۔ اهڙيون ڪاروايون نه رڳو جمهوري قدرن، سياسي آزاديءَ ۽ انساني وقار خلاف آهن، پر سنڌ جي سماجي روايتن، چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس، ۽ انساني احترام کي پڻ لتاڙي رهيون آهن۔
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ اندر سياسي ڪارڪ��ن، قومي تحريڪن سان وابسته ماڻهن، ۽ شهيد اڳواڻن جي خاندانن خلاف پوليس ۽ رياستي ادارن پاران هلندڙ ڪاروايون منظم سياسي انتقام جو حصو آهن، جن ذريعي قومي آواز کي دٻائڻ، خوف جي فضا قائم ڪرڻ، ۽ سياسي مزاحمت کي ڪمزور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ پر تاريخ شاهد آهي ته اهڙيون جبر واريون پاليسيون قومن جي سياسي شعور، جدوجهد ۽ مزاحمت کي ختم نٿيون ڪري سگهن۔
جيئي سنڌ متحده محاذ عالمي انساني حقن جي ادارن، گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل، ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائٽس واچ، ۽ عالمي جمهوري قوتن کي اپيل ڪري ٿو ته اهي سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن، قومي اڳواڻن، ۽ سندن خاندانن خلاف ٿيندڙ پوليس گردي، غير قانوني چڙهاين، ۽ سياسي انتقامي ڪارواين جو فوري نوٽيس وٺن۔ سنڌ ۾ سياسي آزادي، اظهار جي حق، ۽قومي آزاديء جي جدوجهد کي مسلسل رياستي جبر هيٺ رکيو پيو وڃي، جنهن خلاف عالمي سطح تي آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي۔
اسان س��ڌ پوليس ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ادارن کي سخت لفظن ۾ خبردار ٿا ڪريون ته شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي خاندان کي حراسان ڪرڻ، شير کهاوڙ خلاف سياسي انتقامي ڪاروايون جاري رکڻ، ۽ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ڪرڻ وارو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي۔ جيڪڏهن اهڙيون ڪاروايون بند نه ڪيون ويون ته جيئي سنڌ متحده محاذ سموري سنڌ اندر سخت احتجاجي تحريڪ هلائڻ، روڊ رستا بند ڪرڻ، ۽ هر جمهوري ۽ سياسي سطح تي ڀرپور مزاحمت جو حق محفوظ رکي ٿو۔
اسان سنڌ جي عوام، سياسي ڌرين، وڪيلن، شاگردن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، ۽ باشعور حلقن کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته اهي سنڌ اندر وڌندڙ رياستي جبر، سياسي انتقام، ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف گڏيل آواز بلند ڪن، ڇاڪاڻ ته خاموشي جبر کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿي، جڏهن ته مزاحمت ئي قومن جي عزت، آزادي، ۽ مستقبل جي ضمانت هوندي آهي۔