جتي ظلم ٿيندي ڏسو، ان کي هٿ سان روڪيو، هٿ سان روڪي نه سگهو ته پوءِ زبان سان روڪيو ۽ جي زبان سان به روڪي نه سگهو ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ان کي پنهنجي دل ۾ برو سمجهي، اتان هليا وڃو، پر ياد رکو ته اهو ايمان جو آخري حصو آهي!
حديث
اي وقت جا فرعونو! اُن ڏينهن کان ڊڄو، جڏهن رت سان رنگيل رستا اوهان کان حساب وٺندا، جڏهن هر وک تي ماڻهن جي صدائن جو گهيرو اوهان کي گهيريندو، ۽ اوهان کي زمين تي به پناهه نه ملندي، آسمان هيٺ به جاءِ نه ملندي.
غزل
سهپ ۾ درياھ ٿِي.
سمنڊ ٿِي يا واھ ٿِي.
ڪو مڃي يا نه مڃي،
اُن کان بي پرواھ تِي.
سُرت ساڃھ ڦهلجي،
روشنيءَ جي راھ ٿِي.
دشمني سان ٿِي جبل،
پر سڄڻ جو ساھ ٿِي.
برف سان تون برف ٿِي،
باھ سان تون باھ ٿِي.
ڪُرڪ ڏُک ۾ نه عزيز،
مرڪ واري نگاھ ٿِي.