کنڀي گم ڪريو
معاشي استحصال جي ڪاروبار کي
آمريت جي اوزار کي
ڪرپشن جي بازار کي
اڻبرابري جي وهنوار کي
جبر ۽ ڏاڍ جي تلوار کي
عوام دشمن قانوني ڄار کي
ماحول دشمن سرمائيدار کي
جمھوريت دشمن سرڪار کي
وهمن ۽ روايتن جي سنسار کي
بندوقي طاقت تي سوار کي
آئين ٽوڙي اقتدار تي قبضو ڪندڙ غدار کي
ساک ڊارون جي واهپي جي کڻي
زندگي جا سڀئي نظريا تورجن
جيئن مظلوم قومن جو گريو تري
ساهمي ۾ ٻه قومي نظريو تري
ٿورو اڳتي ورهاڱن جا ڦٽ تورجن
تور اهڙي جو تورڻ جا وٽ تورجن
جاگرافي جا ليڪا ڪڍيل ماپجن
کوڙ ملڪن جا عضوا وڍيل ماپجن
ڪيئن سوچن جا علمي خزانا سڙيا
#ReleaseSeengarNoonari
عالمي جنگ جو هر حڪم تور جي،
ڪير آهي جو نفرت جو نڪ ٿو رکي،
هيروشيما تي حملي جو حق ٿو رکي،
اجتماعي قبر تي رکي ساهمي،
کوپڙين جا اڏايل محل تورجن،
درد جاڳيو آ پنهنجا عمل تورجن،
چيو وڃي ٿو ته سياست ٺڳي آ. ها بلڪل، طبقاتي نظام هيٺ سياست جو غالب قسم دوکي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل حڪمراني هوندو آهي جيڪو تمام وڏي معاشي ٺڳي کي لڪائي ۽ قائم رکندو آهي. جڏهن ته سياست جو عوام ۽ وطن دوست قسم ٺڳي تي ٻڌل معاشي نظام کي ڊاهڻ وارو هوندو آهي.
#ReleaseSeengarNoonari