رستن جيان زندگيءَ کي بہ
خوبصورت موڙ ٿيندا آھن!
پاڻ بہ زندگيءَ جي
ڪنھن خوبصورت موڙ تي ملنداسين!
عمر جي آخري سفر تائين
گڏ هونداسين،
گڏ گڏ ھلنداسين,
جي ائين نہ ٿي سگھيو
گڏ گڏ ھلڻ جو ساھس نہ رھيو,
زندگيءَ جي ڪنھن خوبصورت موڙ تي
ھڪ خوبصورت مرڪ سان
جدا ٿي وينداسين!!!
سيف نياز