مولانا فضل الرحمان جي بيان کي سيريس نه وٺڻ گهرجي. ڪنهن وقت به مولانا فضل الرحمان پنهنجو حصو پتي وٺي، اسٽيبلشمينٽ سان ٺهي ويندو. مولانا کي خبر آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائڻ ايترو آسان نه آهي ان جي قيمت چڪائڻي پوي ٿي.
مان مسلسل ملڪ جي مختلف علائقن جي سياسي جدوجهد کان پاڻ کي باخبر رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. انهن م خيبرپختونخواه، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير سان ٿيندڙ ظلمن/جبر جي ڳالھ ته ٿئي ٿي پر سنڌ کي اڄ به ذڪر هيٺ نه ٿو آندو وڃي. شايد اسان پنهنجو ڪيس ٻين اڳيان اڃان رکي نه سگهيا آهيون..!!
قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن، هاڻي انقلاب جي گهڙي مٿان اچي بيٺي آهي، پاڻ سنڀاليو نه ته ميسارجي
ويندوءَ!
مولانا عبيدالله سنڌي
روندگانِ رہِ عشق را طريقہ مجوي،
کہ استين بفشانند کفر و ايمان را!
(نامعلوم)
ترجمو:
عشق جي راهہ تي ويندڙن جو طريقو نہ ڳول،
هو چولي جي ٻانھن سان ڪُفر ۽ ايمان کي ڇنڊي ٿا ڇڏين!
جيڪو شخص مون کي ائين چوي ٿو ته:
"منھنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته خدا تو کي تباھه ڪري ڇڏيندو."
اھو دراصل ائين چوي ٿو ته:
"منھنجي عقيدي تي ايمان آڻ نه ته مان تو کي تباھه ڪري ڇڏيندس."
والٽيئر
اڄ لاڙڪاڻي جي ان مذهبي عالم حقيقت ۾ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن جديد دور مطابق پاڻ کي تبديل نه ڪندئو ته ان جا نتيجا يقينن اهڙائي ئي ايندا. مولانا عبيد الله سنڌي 1940ع جي زماني ۾ چيو هو ته "مٽجو نه ته مِٽجي ويندئو".
مذهب مطابق توهان عمل ۾ هجو ها ته ماڻهو توهان سان جڙن ها. ليوٽالسٽاء جي چوڻ مطابق ته" توهان جو مذهب ڳالهين ۾ نه پر ڪردار ۾ نظر اچڻ گهرجي." ماڻهوءَ تائين پھريائين توهان جو ڪردار پهچندو آهي توهان جي نظريي /فڪر /مذهب سان بعد ۾ جڙندو آهي.
ڪتاب ڪافي نہ آھن، اھي ڪنهن ٻئي جو مشاھدو پيش ڪن ٿا، مان سڀ ڪجهہ پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاھيان ٿو، اکيون، جي ڪڏھن بہ ڍاپڻيون نہ آھن، ڍاپڻ بہ نہ گهرجن ڇو تہ اکين جو ڍاپڻ موت آھي.
~ شيخ اياز