سِنڌي ماڻھو پنهنجي بؙنيادي قومي ڪِردار ادا ڪرڻ ۾ مختلف روپ ڇو اِختيار ڪيو بيٺا آھن! ؟
لَڳاتار ڌَارِين جي تَسلط ۾ رھڻ ۽ مختلف ثقافتن جي ھجڻ ڪري معاشرتي بؙحران ھڪ اھڙي سَماجي روپ اِختيار ڪري ورتو آھي جنهن کان سِنڌي قوم جي ثقافتي تجربن ۾ تَسلسل قائم نه رھيو.
ھِڪ اھڙي صورتحال جنهن ۾ ھڪ قوم جڏهن پنهنجي عِلاقائي ثقافتي جذبن کان مَرحلي وار تاريخي ڪِردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ھجي ۽ ھر مرحلي ۾ ڌَارِين ثقافتن جو شڪار ٿيندي آئي ھجي, جن ثقافتن جو تجربو ماضيءَ ۾ ھنن کي حاصِل ٿيل نه ھجي ته يَقينَن ھِنن جي سوچڻ جا جذبا غير فِطري ٿي ويندا, ان ڪري جو جن جَذبن سان ھوءَ مَسئلن کي سَمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آھي سي ھِن جا پنهنجا نه ھوندا, جنهن جي ڪري ان قوم جي ماضي, حال ۽ مستقبل مختلف پَسمنظر ۾ انهن جي ترجماني ڪرڻ شروع ڪَري ڏيندو آھي.
جنهن کان ان قوم ۾ سوچڻ جا مختلف طبقا پيدا ٿيندا ويندا آھن ۽ ھوءَ قومي حيثيت جو امتيازي شعور وڃائي ويھندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌي قوم ھميشه قومي سياست کي اوپرائپ سان ڏٺو آھي.
سنڌي قوم جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ غلاميءَ جي ھزارن سالن جي تاريخي پريڪٽس کان غلام رھڻ جي عادت نه صرف ذھني پر عضوياتي روپ ڌاري چڪي آھي. جنهن کان مسئلي جي سنگيني واضح شڪل ۾ سامهون اچي ٿي.
ان ڪري جو اؙن نقص کي صرف شَعوري طور سمجهڻ سان ختم نٿو ڪري سگهجي پر ان لاءِ خود پريڪٽس جي ضرورت آھي. نوان لاڙا ۽ نَئِين سوچ ايندڙ نسل کي اھڙيءَ شڪل ۾ منتقل ڪئي وڃي جنهن کان ماضيءَ جا نفسياتي رجحان انهن جي ذِھنَن تي مرتب نه ٿين.
ڇاڪاڻ ته جاگرافيائي ھئيت جا مادي اثرات ۽ ھزارين سالن جي تلخ تاريخي واقعن ھن قوم جي "تحت الشعور" تي مرتب ڪيا آھن. تاريخ ۾ لڳاتار ناڪامين کان جيڪي مايوسين جا اثر ھن قوم جي "تحت الشعور" تي مرتب ٿيا آھن انهن کان ھيءَ قوم
"لا شعوري" طور پاڻ کي ھي باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي ته ٺوس تاريخي ڪِردار مان ڪو به مثبت نتيجو نه نڪرندو.!
قومي سِياست جا اڳواڻ اِنقلاب جو تعارف سياسي ۽ انقلابي فلاسافي کان ڪرائين. جڏهن ته ھي انقلاب جي سکيا ۾ ادب, موسيقي ۽ شاعري جو بيجا استعمال ڪري رھيا آھن. دراصل موسيقي ۽ شاعري جي حساس جذبن ۾ انقلاب کي ھڪ اھڙي قوم جي سامھون پيش ڪرڻ جيڪا خود ٿڪجي ۽ مايوس ٿي تال ۽ طبلي جي سرور ۾ پناھ ورتي آھي.
اھا شاعري ۽ موسيقي جي ذريعي انقلاب سکڻ جو عمل نه ڪري سگھندي ڇو ته موسيقيءَ جو سرور تاريخي فرار کان جڏهن ڪنهن قوم جي نفسياتي پناھ گاھ بڻجي ويندو آھي. تڏهن ان مان موسيقي جي ذريعي نجات حاصل نٿي ڪري سگهجي ۽ ان عمل کي سائنس جي تلاش چئي سگھجي ٿو.
ڪتاب: قومي تحريڪ جو ��نشور
ليکڪ: سائين اصغر سنڌي
📢 During the protest against the murder of Hidayat Lohar outside the UNO Headquarter in New York, JSQM America's Member Habib Bhutto is displaying a poster on the wall.
Poster features a picture of Shaheed Hidayat Lohar. 🌹
#JusticeForHidayatLohar
شاگرد جدوجهد جو ڏهاڙو
Student’s Movement of 1967
🔖 4 مارچ 1969ع نه رڳو سنڌي شاگردن جي تحريڪ جي شروعات جو ڏينهن آهي. پر اهو سنڌ جي قومي جدوجهد جو به هڪ حد- نشان آهي. ان ڏينهن سنڌي قوم جي هڪ مجاهد دستي اڳتي وڌي سنڌ دشمن قوتن سان ٽڪر کاڌو ۽ رت ڏنو. ان ڏينهن سنڌي شاگردن قومي جدوجهد جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ ورتي ۽ ڪيترا سال مضبوطي سان اها پنهنجي هٿن ۾ جهليو آيا. سنڌي شاگردن جي اها جدوجهد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي قومي جدوجهد جي پنجين لهر هئي. ان کان اڳ چار لهرون اُڀري چڪيون هيون، اُهي چار لهرون هي هيون.
• محترم جي ايم سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪن ٿورن محب وطن پارليامينٽري طريقن سان سنڌ دشمنن سان مقابلو.
• محترم جي ايم سيد طرفان شخصي، علمي ۽ نظرياتي جدوجهد
• ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ عبدالقادر جي اڳواڻي هيٺ هاري ۽ قومي جدوجهد
• محترم ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جي اڳواڻي هيٺ علمي ۽ ادبي جدوجهد
(رسول بخش پليجو )
🚨 The sit-in protest outside SSP Ghotki Office continues for the safe recovery of Ritik Kumar.
📢 Ritik was abducted last month on Feb 5 while traveling from Sukkur to Mirpur Mathelo with two others. The other two have returned home safely, but Ritik is still missing. Despite informing district representatives, no effective action has been taken.
- The District President of PPP was informed, promising recovery after the election but failed to deliver.
- The Vice President of PPP, also a Board member of the SINDH Human Rights Commission, was informed but did not respond.
- Representatives at reserved seats were also notified.
- Despite repeated attempts to contact the SSP for recovery, there has been no progress.
#RecoverRitikKumar
اے تاریخ گواہ رہنا، ہم جھکے نہیں، بکے نہیں، ٹوٹے نہیں، بکھرے نہیں، روڈ پر مارے گئے، سینہ شوریدہ سہی، آنکھیں نم سہی، بدن شل سہی، پھر بھی مٹی سے وفا کی، یہ جان دھرتی کی تھی دھرتی کو دی، ہمیں یہ بھی غم نہیں کہ دنیا کیا کہتی رہی، بیٹیوں کے شانوں پر ہمارا جنازا اُٹھا، ارض و سما تک ماتم فضا، یا خدا یا خدا، دیکھ میں پھر بھی باوفا رہا، اے سندھ تیرا تھا، تجھ سے ملا،
الوداع اے جہاں الوداع.
"ڪامريڊ شبير آزاد"
#StateKilledHidayatLohar
اھو تاثر ڏنو ويو ته سنڌ جي سڀ کان وڏي پيراڻي گادي جيڪا انگريزن خلاف گوريلا ويڙھ ڪئي اؙھي به سنڌ تي قابض پنجابي فوج سان گڏ آھن.
ٻئي پاسي جي.ايم سيد جي سياسي پروگرام تي عمل ڪندڙ قومي ڪارڪن ھدايت لوھار کي ساڳي فوج جي خفيه ادارن قتل ڪري ڇڏيو.
پھرين تصوير ۾ ادي سسئي لوھار اسلام آباد مھرنگ بلوچ واري ڌرڻي ۾ وئي ھئي.
ڪجهه سال اڳ رياستي قيد مان بازياب ٿيڻ بعد ادي سورٺ ۽ ادي سسئي جي والد سائين ھدايت لوھار جي قتل جو ٻڌي افسوس ٿي��.
ضياء الحق جي يارنھن سالن ۽ مشرف جي اٺھن سالن سان گڏ پي.پي کان علاوه ھر وفاقي حڪومتن جو حصو رھيا ۽ ان دور ۾ جيڪي به سنڌ مخالف فيصلا ٿيا, سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار ٿي ان ۾ پاڳارا شامل ھيا ۽ سنڌ ۾ مخالف ڌر ۾ ھوندي به ڪڏهن به سنڌ مخالف فيصلن خلاف مزاحمت نه ڪيائون.
انهن کي ڀلي انقلابي پيش ڪيو پر جيستائين شيخ مجيب وانگر پنهنجي پارٽي لائين نٿا وٺن تيستائين سنڌين جو مسيحا ڪري پيش نه ڪيو ۽ سنڌ تي رحم ڪيو.!!!