ھُو پچي ٿو:
ڇڪي زنجير پيرن جو
ھڻي چھبڪ پٺن تي ھُو پڇي ٿو؛
«اوھين آزاد آھيو يا نه آھيو!؟»
ندي پِي، سمنڊ کي گدلو ڪري
گھر، کيت ساڙي، ھُو پڇي ٿو؛
«اوھان آباد آھيو يا نه آھيو؟!»
گھر، کيت ساڙي، ھو پڇي ٿو!!!!
#ReleaseRustamShar
اي ديس واسيو...!!
پنهنجن گھرن ۾، اوهين آرڻ جي فصل لهڻ تي خوشيون ملهائي رهيا آهيو،
پر اسان قيدي آهيون، محدود ديوارن اندر قيد.....!!
۽ توهان جيڪي خوش آهيو،
قيد ۾ مصيبتن جي پيالن پيئڻ وارن کي به،
ياد ڪندا رهجو......!!
#ReleaseRustamShar