سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي بقا رسول بخش پليجي صاحب جي سياسي لائين ۾ آهي، اسان سنڌين کي وسيع دماغ، ٿڌي دل سان غور ڪرڻو پوندو، هي واحد قومي رهبر آهي جيڪو نه رڳو سنڌين پر عالمي طور به مظلومن جو حامي آهي، پورهيتن جو حامي آهي، سندس ٻڌايل سڀ ڳالهيون سچ ثابت ٿي رهيون آهن.
رسول بخش پليجي ڪيئي سال اڳ چيو هو ته آمريڪا بظاهر طاقتور نظر اچي ٿو، اصل ۾ هو ڪمزور ٿي رهيو آهي، هاڻ ان اڪيلي سڄي دنيا تي بادشاهت گهڻو وقت هلي نه سگهندي، هاڻ اهو لڳي ٿو ته هو پنهنجي آمريڪا پنهنجي حماقتن جي نظر ٿي رهيو آهي، سنڌ جي ڏاهي جي اڳڪٿي درست پئي ثابت ٿي.
وڙهن سانهن پٽجن ٻوڙا ان کي چئبو آهي،جنگ ايران،اسرائيل ۽آمريڪا وچ ۾ آهي،تباهي سڄي عالم جي پئي ٿي،ان جو مطلب ملڪ ۽خطا ڀلي الڳ الڳ هجن پر انهن جوهڪ ٻئي تي دارو مدارآهي،بلڪل ايئن جيئن جسم جي ڪهڙو به حصي تي ڌڪ هڻودردسڄي جسم ۾ ٿيندو، دنياگلوبل وليج آهي،باھ ڪٿي به لڳندي سيڪ سڀ کي ايندو
ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ وچ اوڀر جي ملڪن کي کائي ويندي، آمريڪا ۽ اسرائيل اهو ئي چاهين ٿا ته مسلمان ملڪ ڊگهي عرصي تائين ڪمزور ٿي وڃن ته جيئن هو پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهن، هي جنگ پاڪستان، چين سميت ٻين ملڪن کي به معاشي گهوٽالي جو شڪار بڻائي ڇڏيندو، اها ڳالھ ڪير نٿو سمجهي
جنگ ڪرڪيٽ ميچ ناهي، جنگ موت، معذوري، بک، بيماري جي مشين آهي جيڪا لکين انسانن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي ۽ اهو سور نسل در نسل منتقل ٿئي ٿو، تنهن ڪري امن لاءِ هر گهڙي ڪوشش قائم رکڻ گهرجي، نه ته جنگ زنده گهرن کي خاموش قبرستان بڻائي ڇڏيندي هي جنوني چريا دنيا لاءِ خطرو آهن.
اهو سنڌين جو جگر جو اڃان زندگي آهن، مقابلو ڪن پيا، 47ع کان پنهنجن اسان جا هٿ پير وڍي سنڌ وسيلن سميت ڌارين حوالي ڪئي، اڄ ٽوٽل آبادي جو 80 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ پيا زندگي گذاريون، پاڻ کي پاڻ تباھ ڪيو آهي، هاڻ به وقت آهي اتحاد ڪريو، هڪ ٿيو. ايندڙ وڏن حملن کي منهن ڏيو.
ايم ڪيو ايم ۽ اسرائيلي ساڳي ڳالھ آهن، هي به نمڪ حرام آهن ته هو به آهن، هي به فسادي آهن ته هو به آهن، هي به پناھ ڏيندڙن جي وطن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هنن به ڪيو آهي، هي نه سٺا مسلمان آهن، نه سٺا انسان آهن، هي جڏهن هندستان سان وفا نه ڪري سگهيا ته پاڪستان سان ڪهڙي وفا ڪندا.
سنڌ جون سياسي پارٽيون اتحاد نه ڪنديون، تنهن ڪري عوام کي پاڻ ۾ اتحاد ڪري وطن، وسيلا ۽ وجود بچائڻو پوندو. اچو ته هڪ ٻئي جو سهارو بڻجون، وڏو خراب وقت اچي رهيو آهي، اسان جي وجود ۽ وطن تي حملو ٿيڻ وارو آهي، تنهنڪري اچو ته گڏ ٿيون.