Protect it for posterity
I first visited this historic canopy of Bula Khan in Manghopir, Karachi, in 2009. Even then, it showed signs of neglect. Today, it is in shambles. Built in second quarter of 18th century, it commemorates Bula Khan, after whom Thano Bula Khan is named.
"سنڌ جي هڪ Genius جو يادگيرو"
سنڌي ادب ۽ تحقيق جا ڪجھ اهڙا املھ ماڻڪ جن کي افسوس سان حاضر دور جي نام نهاد اسڪالرن ۽ ادارن طرفان شعوري طور وساريو ويو آهي، ڇوتہ انهن شخصن جو ڪم ايڏو ته وڏو ۽ غيرمعمولي آهي جو اڄوڪا لٻاڙي انهن جي اڳيان تڇ نظر اچن ٿا. انهن بي بها شخصيتن ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جو نالو سرفهرست آهي.
ڊاڪٽر صاحب جو اڄ 16 جولاءِ تي اسان کان جسماني طور تي ھميشہ لئہ وڇڙي وڃڻ جو ڏينهن آهي. سنڌي ادب اندر تخليق، تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان جو هي شخص ايڏو وڏو شهسوار آهي، جنهن جي مقام جو ڪاٿو شايد اسان جهڙي ننڍڙي پهچ رکندڙ معاشرو نه ڪري سگهيو آهي. هي اُهو شخص آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جو سماج اندر ڪهڙو ڪارج آهي؟ ۽ ٻولي ڪنهن به قوم لاءِ ڪهڙي ۽ ڪيتري اهميت رکي ٿي؟ جهڙن پيچيده سوالن جا جواب ڳولهيا ۽ پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو عنوان ئي "سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج" رکيو ۽ نور نچوئي هڪ زخيم ڪتاب جي صورت ۾ اسان کي جواب ڳولهي ڏنا ته سنڌي ٻوليءَ جو سماج اندر ڪهڙو ڪارج آهي. ڊاڪٽر صاحب "تنقيدون" جهڙو ڪتاب لکي اسان کي ٻُڌايو ته تنقيد ڇا آهي ۽ اُها ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ان جا ڪيترا قسم آهن. گڏوگڏ دنيا اندر وڏن تنقيدنگارن جا ڪهڙا ڪهڙا نظريا رهيا آهن. هن نه صرف پاڻ تحقيق ڪئي پر "علم تحقيق" جهڙو ناياب ڪتاب ڏيئي اسان کي تحقيق ڪرڻ جي سڀني گُرن کان گُروئن کان واقف ڪيو. ان کان علاوه "ادب جا فڪري محرڪ" جهڙو فڪري مڪالمن تي مشتمل ڪتاب، انگريزي ۽ سنڌي ۾ منفرد ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ٻيا به ڪجھ انتهائي معياري ڪتاب ۽ لاتعداد مضمون سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي ڏيئي شاهوڪار بڻايو. پر افسوس اِهو آهي ته اهڙي ماڻهو جي ڪم ۽ شخصيت کي اهڙو ته وساريو ويو آهي جو سندس جنم ڏينهن يا ورسيءَ تي ڪنهن اداري يا يونيورسٽيءَ طرفان سندس شخصيت ۽ ڪم کي ياد رکڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڪو ڀلجي به پروگرام نٿو ڪيو وڃي. افسوس هنن پهاڙن جيڏن شخصن کي انتهائي بي حيائيءَ سان شعوري طور وساريو ويو آهي ۽ سندن ڪم کي اڀرندڙ نوجوان نسل تائين پهچائڻ کي لازمي نه سمجهيو ويو آهي. جڏهن ته نام نهاد علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن طرفان لازمي سمجهيو ويو آهي ته صرف سطحي قسم جي ميلن ملاکڙن کي. اسان وٽ هن وقت هر قسم جي قحط واري دور ۾ اهڙن سنجيده ماڻهن جي ڪم کي نمايان ڪري نوجوانن کي انهن علم جي خزانن کان مڪمل طور تي واقف ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي پر علم دشمن نام نهاد ڏاها ۽ اسڪالر اهڙن ڪمن اڳيان شعوري طور تي ديوار بڻيل آهن ۽ پنهنجي ڪم ظرف آقائن جي، جي حضوري ڪري بجيٽس ڳڙڪائڻ جي پويان آهن.
#RemembranceDrAllahdadBohyo
@Siddiquimajid@fidahjatoi02@KingraniAziz@Halar_Jiskani@RazzaqSahito@USHeritageVault@humsafar2706@gypsiez
【 1 】
ھَلندي ھوتَ پُنھونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون؛
پَھَڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لءِ لالَنِ لُوٺِيُون؛
سَڀُ سَھيلِيُون سِڪَ کي، چُنجهُون ۽ چُوٺِيُون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِيُون، تہ ڪُتا کِيَنِئِي ڪيچَ جا.
As they travel toward Hôt Punhun, many false women become exhausted. Rocks become level ground for those who roam in search of the beloved. All friends on this journey of desire are purblind and confused. Oh Brahman girl, turn into bits of meat for the dogs of Kech to feed upon.
SUR SASSUI: MA 'ZURI 1:1
https://t.co/v89zRdfwLR