سنڌ جو وڏو
ھل ڙي يار وڏا ڪاڏي ھليو وئين
آهي ڪو اھڙو مرد مجاھد هن جي سادگي کي ڏسو هن جي عاجزي کي ڏسو اڀ کان به اوچو ڪردار وري خاڪ جھڙي نوڙت ڪيئن نه ڪنهن معصوم ٻار وانگي بنا ڪنهن خوف جي بنا ڪنهن سيڪيورٽي حسار جي پنهنجن وات ڳاڙهن ڇورن جي وچ ۾ بيهي ھٿ سان چانور پيو کائي آهي
1+1
سر زمين سنڌ کي اتحاد انساني, امن عالم ۽ ماڻھن جي مادياتي ۽روحاني ترقي لاءِ ھڪ خاص پيغام آھي, جنهن پيغام جي اسان جي ولين ۽ درويشن ھر ممڪن نموني تشريح ڪري, ماڻھن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪوشش پئي ڪئي آھي.
رهبر سنڌ سائين جي۔ايم سيد
مهراڻ جي واڌين ۾ ، ساٿي سڏڙا سڻو
هلچل جي ڪافلن پيرن جا پنڌڙا سڻو
وڏيرن جي غلامي مان جان ڇڏائي اچو
عاجز جو آواز سگها متارا ۽ جڏڙا سڻو
غلام علي ڪانڌڙو
#باغي
دل کي نئون شوق آ جاڳيو
اکين ۾ دلبر کي آ ويهاريو
سهڻا يارسول الله
درد ضرور ميٽجي ويندو
سکن جو سوجهرو ٿيندو
سهڻا يا رسول الله
سورن جو سوراخ ڀريندو
ڏکن جو بار هلڪو ڪندو
سهڻا يا رسول الله
ڏکن جا ڳرا پهاڙ ڪريا ،ڪنهن نه ڏٺا
سڏڪن ۾ هي ڳلڙا پسيا ،ڪنهن نه ڏٺا
ڪاميابيون جا پيچرا ڏيکار اي خدايا
اميدن جا ڏس پتا پڇيا ،ڪنهن نه ڏٺا
خدا هن مايوسين جا رستا سوڙھا ڪر
سکن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيان واسطي نبي جي
غلام علي ڪانڌڙو
#دعا
پيارا سهڻا خدايا
دنيا جي عشق کي ٿڏاري لئنون تونسان لاٿي آھي
هڪ اميد ڪاميابين جي رکي آ ،ناڪامين جو رستو نه ڏيکارجانء
نه ته ڀري ڀور ٿي پوندس
وجود شيشي جيان ٽٽي ٽڪرا ٿي پوندو
لوڪ جا ماڻھون ٺٺوليون ڪري شرمساري جي درياء ۾ ٻوڙي ڇڏيندا بدنام جو داغ جيئڻ نه ڏيندو
غلام علي ڪانڌڙو
#دعا