سائين دلشاد ڀٽو سينئر جي وال تان کنيل.
سڀني دوستن کي عرض آهي ته سرڪاري مذهب رکڻ وارن سان بحث ڪرڻ بجاء پنهنجي پروفائيل تي سائين عطا محمد ڀنڀري جي تصوير رکن. بس اهو جواب ڪافي آهي. ڏسئون سنڌ ڪنهن سان ٿي بيهي. عطا محمد ڀنڀري سان يا ۔۔۔۔
#RegularizeContractualTeachersSindh
دنيا ”وڙهي جيئڻ“ جو ميدان آهي، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قومون سلامت ۽ زندهه رهن ٿيون ۽ ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن.
سائين جي.ايم سيد
#RegularizeContractualTeachersSindh
سنڌ قديم سڀيتا جو مرڪز رهي آهي، موهن جو دڙو ان جو ثبوت آهي. ڪيئي نسل، ڪيئي عقيدا هتي مليا جليا، ڪيئي لاها چاڙها ڏٺائين ليڪن باوجود ان جي هزارها سالن کان هن جي علحده ۽ جداگانه هستي قائم پئي رهي آهي.
#RegularizeContractualTeachersSindh
قرآن پاڪ ۾ آھي
”اسين انهن ماڻھن کي فتح جي خوشي عطا ڪنداسون جيڪي مظلوم آھن ۽ جيڪي روءِزمين تي انصاف ۽ آزاديءَ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجھد ڪن ٿا،اھي ئي آھن، جن کي اسين قيادت جي درجي تي فائز ڪنداسين.جيڪي انسانن جي مساويانه فلاح ۽ بهبود جي تعمير ڪندا.“
#RegularizeContractualTeachersSindh
انساني سماج جي ترقي سان گڏ قومون به ارتقائي مرحلا طئه ڪنديون موجوده منزل تي رسيون. قومن جي موجوده شڪل کان اڳ معاشري ۾ انسانن جون هيٺئين قسم جون برادريون وجود رکنديون هيون. جيئن: خاندان، قبيلا ۽ قوميتون.
#RegularizeContractualTeachersSindh
تاريخ جي مادي نظرئي موجب انساني سماج ۾ طبقن کان سواءِ انسانن جون قومي برادريون پڻ وجود رکن ٿيون. جيڪي طبقاتي سماج شروع ٿيڻ کان گهڻو پوءِ سرمائيداري سماجي دور ۾ وجود ۾ آيون.
#RegularizeContractualTeachersSindh
وطن دوستي يا قوم پرستي جو نالو نيشنلزم آهي، جنهن جي آڌار تي باقي سياسي معاشي ۽ تهذيبي عمارتون حڪومتون ادارا ٺهي ۽ هلي سگهن ٿا. قومپرستي ئي انساني عظمت جو نشان آهي. مال ميوا ملڪيت ته پکي وانگرپڃري ۾ بند کي به جام ملن ٿا.
#RegularizeContractualTeachersSindh
سنڌ ۾ جي ايم سيد صاحب هندوستان جي وحدت تي مبني گهڻ رخي، گهڻ قبائلي، ذات پات جي نظريئن کي طلاق ڏيئي. سنڌ جي خاص تاريخ، ڪلچر ۽ فلسفه حيات کي اڳيان آندو، انهي ڪري ئي سنڌ جو روح آزادي لاءِ ڦٿڪي رهيو آهي.
#RegularizeContractualTeachersSindh