حيدرآباد;
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ناليوارو قانوندان اياز لطيف پليجو صاحب سان ھاءٔ ڪورٽ بار ۾ ايڊووڪيٽ ساجد احمد چانڊيو,ايڊووڪيٽ اياز حسين تنيو,ايڊووڪيٽ روشن عظيم ملاح,ايڊووڪيٽ ڏاڏا سليمان ڏاھري,ايڊووڪيٽ گلزار جماڻي,ايڊووڪيٽ ارشاد چنا ۽ ٻين مختلف وڪلين جون ملاقاتون.
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه محترم اياز لطيف پليجو صاحب بدين ٻڍو قمبراڻي ۾ ڪامريڊ محمد الدين ڀرڳڙي جي ورسي جي جلسہ عام کي خطاب ڪندي. انور نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، مصطفي نظاماڻي، بچل احمداڻي، درشن سچديو، آزاد ميرواھي، ۽ ٻين قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
@AyazLatifPalijo
مراد علي شاھ ! جيتري آصفہ ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو جي عزت ۽ حرمت آھي اوتري ئي سنڌ جي انھن نياڻين جي عزت ۽ حرمت آھي جن کي توھان اڄ روڊن تي گھليو آ ۽ تذليل ڪئي آھي. انھن نياڻين کي في الفور نہ صرف آزاد ڪيو وڃي بلڪہ انھن کان معافي پڻ ورتي وڃي.
#ShameOnPPPGovt#RegularizeJestEctSindh
ھي مقابلو آخري نه ھو، جيڪي سنڌ پاران وڙھيا ۽ ھارائي ويا،ھي انھن جي شڪست به نه آھي. درحقيقت ھي سنڌ دشمنن جي آخري شڪست جو آغاز آھي، ھي گھٽيء گھٽيء ۾ ظلم ۽ جبر آڏو وڙھندڙن جي آخري ۽ عظيم فتح جي شروعات آھي. ھي پرھ ڦٽيء جو اھو سرخ پيغام آھي ته ظلمن ۽ ذلتن جي طويل رات نيٺ کٽڻ واري آھي.
روهڙي۾نوجوان ڇوڪري پوجا ڪماري کي ان وقت بيدردي سان قتل ڪيو ويوآهي جڏهن هن اغوا۽جبري مذهب مٽائڻ جي ڪوشش خلاف مزاحمت ڪئي هئي.
ڪٿي آهن وفاقي۽صوبائي حڪومتون؟ پوليس؟پارليامينٽ عدالتون؟عورتن۽اقليتن خلاف تشددجي هن لعنت کي جاري رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي
ايازلطيف پليجو
ڪُتن کي پالبو آھي!
محبت سانڍبي آھي!
شين کي رکبو آھي!
اکين سان ديد اٽڪائي،
چپن کي چمبو آھي!
بدن کي چکبو آھي!
سمورو مُلڪ گھمبو آ،
جسم کي جڪڙبو آھي!
ڳلن سان ڳل لائيندي،
ھٿڙن کي پڪڙبو آھي!
#TributeToHassanDars