مان انباڪس ميسيجز کي رپلاء نه ڪندي آهيان، پر اڄ هڪ سڄڻ ، منهنجي عيد مبارڪن ڏيڻ ۽ وٺڻ تي اچرج جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آئون ڪنفيوز آهيان، ٻڌايو توهان هندو آهيو يا مسلم؟ مون انهن کي هي جواب ڏنو.
@JAMunghani 🙏اوهان سڀني کي عيد واڌايون جيجي. پنهنجي اندر ۾ عيد جي موقعي تي اوهان جي احساسن کي ڪي قدر محسوس به ڪريان ٿي. اوهان جي خاندان/گهر مان هيڏين قدآور ۽ ڀانئيندڙ هستين جي بي وقتي سچي جهان پڌارڻ تي ڏک ۾ ڀائيوار آهيان. اهڙي وقت ۾ اهي ڏاڍا ياد ايندا آهن وڃڻ وارا.
صبح جي ٿڌڙي هوا جي جهوٽن جي سرور ۾، فطرت جي حسن جي نمونن ۽ رنگين ٻوٽن سان جهومندڙ ، مانجي سنڌ ۽ ان ۾ وسندڙ سڀني پنهنجن پيارن کي سلام پهچي. آباد هجو. 🙏🙏🙏🌹🌹🌹