'وڏي بشير خان قريشي ' جو نالو وٺڻ سان اوھان جي اڳيان پوري جو پورو ھڪڙو سنڌ جي وجود جو تصور اچي بيھ رھندو آھي. 'وڏي' جو نالو وٺڻ سان الائي ڇو ڪراچي ڪنوار وانگر ڳاڙهي رنگ سان سينگاريل اکين اڳيان تري ايندي آهي.
#TributeToShBashirQureshi
ممڪن آھي سياسي سفر ۾ اسان جي عقل دوکو کاڌو ھجي، اھو به امڪان آھي ته اسان سياسي مسئلي جي گھرائيءَ تائين پھچي نه سگھيا ھجون. پر اي کرڙيءَ جا شھيدو اوھان شاھد رھجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت۽اسان جي عمل ۾ ڪنواريءَ جي ٿڻن جو تقدس ھميشہ رھيو آھي.
#TributeToShBashirQureshi