ھزارين، لکين ۽ ڪروڙن جا قاتل،
ھي لاکاٽ، ميھڙ ۽ مورن جا قاتل،
ڪراچي، ٺٽي، ڄامشورن جا قاتل،
ھي جوڌن جي جسمن ۽ جوڀن جا قاتل،
ھي ڪُوڙن ۽ ڦٿڪن سان ڳڀرن جا قاتل،
ھي بجلي جي شاٽن سان بدنن جا قاتل،
ھي پاڙن کان نڪتل زبانن جا قاتل،
#SendBackAfghanRefugees
مڃون ٿا اسان جون زبانون به پاڙان پٽائي سگهو ٿا
مڃون ٿا او ماري ڪارونجهر مٿان جي ڪئي ڪُڻڪ ڪونجن بَڇي باز بحري انهن جو به پک پک پٽائي سگهو ٿا
مگر منهنجا سائين ڀلا تن جي گونجن کي گهائي سگهو ٿا؟
لڳايو ڀلي جي پڙاڏن تي پهرا لڳائي سگهو ٿا؟
آڪاش انصاري
سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن يا ڳوٺن جو برساتن ۾ ٻڏڻ جو ھڪڙو مکي سبب اھو آھي جو برساتي پاڻي جي نيڪالن،ندين، پراڻن ۽ گذرگاھن تي بااثر ڌرين قبضا ڪري ڇڏيا آھن. جنھن ڪري پاڻي جي نيڪال جو رستو بند ٿي ويو آھي ان ڪري شھر ٻڏن ٿا. ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن به ان ۾ شامل آھي.
سنڌ جي ڏکن جو درمان، غريبن جو سهارو، هارين جو حقيقي ساٿي، شاگردن جو رهبر، مزدورن جو مددگار، سنڌي قوم جي عزت جو پهريدار، سنڌ جي سونهن ۽ سرهاڻ جو محافظ — للڪار جو علمبردار، 10 August شهيد بشير خان قريشي جي جنم ڏينهن تي سنڌ جي هر سپوت کي هزارين مبارڪون