Top Tweets for #NoToCorprateForming
اڄ جڏهن ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هلندڙ تحريڪ کي پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته لڳي ٿو ته اها ضياء الحق واري پراڻي هدايت ڪيل فلم، آرڪائيو مان ڪڍي نون ڪردارن سان ان فلم جو "چرٻو فلم” بڻائي ٻيهر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
#NoMoreCanalsOnIndus
#NoToCorprateForming
مورو واقعو:
"واردات جو پراڻو طريقو ۽ نئون نسل"
(ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ @PIRSANIA)
روزاني عوامي آواز ڪراچي
31 مئي 2025ع.
https://t.co/T0zKU9NCRs
14 سيپٽمبر 1982 تي، سنڌ سان خاموش انداز سان تباهي ڪندڙ ان وقت جي ماڊل ڊڪٽيٽر، صدر پاڪستان جنرل محمد ضياء الحق، مورو-دادو پل جو مورو واري ڪپ تي، غلام مصطفيٰ جتوئي جي تڪ ۾ نيو جتوئي ڏانهن منهن ڪري افتتاح ڪيو هو.
هي مورو-دادو پل سنڌ توڙي پاڪستان جي ماڻهن جي پراڻي خواهش موجب ٺهي هئي. جنهن جو ڪريڊٽ ته ان وقت جي صدر پاڪستان کنيو، پر ان افتتاح جي اندر ڪيترين ئي حڪمت عملين ۽ زميني حقيقتن کي به پرکڻ ضروري هو. ان لاءِ ضياء الحق جو پنهنجو هجڻ به لازمي هو.
ضياء مخالف جمهوريت پسند پارٽين جو اتحاد ٺهي چڪو هو. انهن جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين تحريڪن کي روڪڻ يا بدنام ڪرڻ حڪومت جو ذمو هوندو آهي، خاص طور تي جڏهن سندس مخالف ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار بيٺا هجن. انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تائين پهچنديون آهن.
ان صورتحال ۾، ايم آر ڊي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ، ضياء الحق پنهنجي چالن کيڏي. هن افتتاحي تختي جي 40 ميل (اٽڪل 72 ڪلوميٽر) جي چوگرد علائقي کي چونڊيو، جنهن ۾ تشدد، مارڌاڙ، خونريزي ۽ ڦرلٽ جا سمورا عنصر شامل ڪيا ويا. مقصد اهو هو ته پرامن گرفتاري ڏيڻ واري جمهوري تحريڪ کي بدنام ۽ چيڀاٽجي، سندن قيادت کي يرغمال بڻائي سگهجي.
ڇو ته هنن جو هي مرڪز سنڌ ۾ هو، تنهنڪري ان کي علحدگي پسند، يعني سنڌو ديش جي تحريڪ طور پيش ڪري، انهيءَ تحريڪ ۾ به ڏڦيڙ وجهي، تباھ ڪيو ويو. گڏوگڏ ايم آر ڊي کي به ان تحريڪ مان اهڙو ڌڪ ڏنو ويو، جو هو هميشه لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ اڳتي ڪا به منظم تحريڪ هلي نه سگهي. پوءِ دنيا ڏٺو ته ايئن ئي ٿيو.
ڀريا، نوشهروفيروز، مورو، خيرپور ناٿن شاهه، لاکاٽ، دادو، پنهنل خان چانڊيو، ۽ قاضي احمد جهڙا شهر 40 ميلن جي اندر ايندا هئا. اتي پوليس ۽ فوج جهموريت جي پانڌيئرن تي گوليون وسايون ۽ بم هنيا ويا. ڌاڙيلن جي ٽولن ذريعي اغوا، ڦرلٽ ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويو. نيشنل هاءِ وي نو-گو ايريا بڻجي ويو. نورپور ته سموري پاڪستان ۾ ان ڦرلٽ جي حوالي سان مشهور ٿي ويو. رات جو ٽرڪن کي باهيون ڏئي دهشت ڦهلائي ويندي هئي. اهي ڪارروايون لوڪل ماڻهن ۽ قبيلن جي نالن تي ڪيون وينديون هيون يا ڪرائي وينديون هيون.
وفاق وٽ مورو شهر Recognized يعني تسليم ٿيل رهيو آهي.
اڄ جڏهن ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هلندڙ تحريڪ کي پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته لڳي ٿو ته اها ضياء الحق واري پراڻي هدايت ڪيل فلم، آرڪائيو مان ڪڍي نون ڪردارن سان "چرٻو" بڻائي ٻيهر هلاي وئي آهي. ساڳي Radius ۾ ساڳي طريقي سان مارڌاڙ، پرتشدد ڪاروايون، ڌاڙيل ڪلچر ۽ قومپرست ڌرين کي هيسائڻ، جيلن ۾ واڙڻ، تشدد ڪرڻ، ماڻهن ۾ ڊپ وجهي، ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا کي ڪامياب ڪرڻ جي سازش آهي. ۽ اسان کي وري 30–40 سال اٿڻ نه ڏنو ويندو.
انهيءَ لاءِ سنڌ دوست قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته هن وقت نه سائين جي ايم سيد جهڙا فڪر رکندڙ آهن، نه وري شهيد بينظير ڀٽو جهڙيون قداور سياسي عوامي شخصيتون اسان وٽ موجود آهن. ها، البت ڪمزور قيادتن سان گڏ انهن جي هٿان پيدا ٿيل، پاڻ کي تجربيڪار چوندڙ، سنڌ جي قيادت سڏائيندڙ شخصيتون ضرور موجود آهن.
اهڙي صورتحال ۾، جتي سموري سوسائٽي ڪرپٽ ٿي چڪي هجي، اتي ڪرپٽ قيادتون ۽ ليڊر ڪيئن "فرشتا" ٿي سگهن؟ سنڌي عوام هن وقت سمنڊ ۾ تباھ ٿيل ٻيڙي مان ڪري، وچ سمنڊ ۾ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ان کي هڪ "ڪک" به نظر اچي ٿو ته هو ان کي ان اميد سان پڪڙي ٿو ته متان اهو ان کي بچائي. پر اهو طئه ٿيل اصول آهي ته هڪ "ڪک" بچائي نٿو.
تنهن ڪري، سنڌ جي باسمجه، باغيرت ۽ سنڌ پرست عوام کي انهن جي چالاڪين ۽ سازشن کي سمجهي اڳتي وڌڻو پوندو. نيٺ ته هڪ متفق ليڊر ضرور اڀرندو، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ظلم ۽ ظالمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اڳتي ايندو.
هي منهنجي پرورش وٺندڙ خيالن جو هڪ نچوڙ آهي، جيڪو مان سنڌين لاءِ لکي رهيو آهيان. ته جيئن سوچ سمجهه سان ماضيءَ جي واقعن کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻ سکي سگهون. ڇو ته هن ملڪ ۾ ساڳيون فلمون، صرف وقت، حالتون ۽ چهرا بدلائي، وري وري هلايون وڃن ٿيون.
جڏهن ته فيلڊ مارشل ايوب خان، صدر ضياء الحق، ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو به، پنهنجي دور ۾ ساڳي طريقي سان ملڪ هلايو هو.
مورو ۾ جيڪو ڪجهه تشدد ٿيو جنهن ۾ فائرنگ ۽ باھ لڳڻ جا واقعا ٿيا ۽ انهن واقعن ۾ ٻه ڳڀرو پاڻي پياسا شهيد ٿي ويا ۽ ان رياستي اشتعال انگيزي واري حڪمت عملي ۾ گهرو وزير جو گهر ۽ ٽرالا سڙي ويا انهي واقعي جي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن تي مشتمل هڪ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري ان جي رپورٽ کلي عام ظاهر ڪري انهيءَ واقعي جي پردي پويان ڪردارن کي پڻ وائکو ڪيو وڃي👇

ڀارت پيسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو، ملڪ لاءِ وڏو ڊيم ضروري آهي. محب وطن واپڊا چيئرمين سجاد غني جو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سنڌ ،بلوچستان ۽ ڪي پي اسيمبلين خلاف زهر اوڳاڇيندي.
#NoMoreCanalsOnIndus
#NoToCorprateForming
@_Qasim_Kehar @UN @UNCHRSS @BBCUrdu @RiazSangi

@_Qasim_Kehar بلڪل انهن ادارن ۾ پنجابي اشرافيه جا 22 گريڊ جا پي ايڇ ڊي ٺڳ ۽ ماهر چور ويٺل آهن
#NoMoreCanalsOnIndus
#NoToCorprateForming
ٻٻرلوء جي #Sindh_Spring ۾ راڻا ثناءُالله هٿ اچي وڃڻ کانپوءِ.
#babarlo_dharna
#NoMoreCanalsOnIndus
#NoToCorprateForming
@myasinrind @akhtarb1 @AzadAli7786 @BalochHafeez201 @SanaBikak @dawn_com @abdullahsultan @WusatUllahKhan @HamidMirPAK
کیا رانا ثناءاللہ اور شرجیل میمن SIFC
اور گرین پاکستان کے سرپرستوں سے کینالز رکوانے کی اوقات رکھتے ہیں،
جو بات چیت کا ڈرامہ کریں گے؟
Ibrahim Saleh Muhammad
#NoMoreCanalsOnIndus
#NoToCorprateForming
پاکستان پیپلزپارٹی "مفاھتی پالیسی" کے بعد اب:
جو حکم،
جی حکم.
کی پالیسی پر کمر بند
#NoMoreCanalsOnIndus
#NoToCorprateForming
@_Qasim_Kehar @ImranKhanPTI @WusatUllahKhan @ZarrarKhuhro @akhtarb1 @AsadAToor @AzadAli7786 @BalochHafeez201 @BBCUrdu @RiazSangi @fehmidariaz @VeengasJ

جھيڙو آ ، جھيڙو آ
پنجاب تون سان جھيڙو آ
✌️✌️
#NoMoreCanalsOnIndus
سرائیکی دانشور | دریائے سندھو کو برباد اور تباہ اس ریاست نے کیا ہے
#NoMoreCanalsOnIndus
Trends for you
Most Popular Users

Elon Musk 
@elonmusk
241.7M followers

Barack Obama 
@barackobama
119M followers

Cristiano Ronaldo 
@cristiano
114.4M followers

Donald J. Trump 
@realdonaldtrump
111.9M followers

Narendra Modi 
@narendramodi
107.2M followers

Rihanna 
@rihanna
98.7M followers

NASA 
@nasa
92.4M followers

Justin Bieber 
@justinbieber
91.8M followers

KATY PERRY 
@katyperry
90M followers

Taylor Swift 
@taylorswift13
83.9M followers

Lady Gaga 
@ladygaga
75.4M followers

Virat Kohli 
@imvkohli
73.4M followers

Kim Kardashian 
@kimkardashian
70.9M followers

YouTube 
@youtube
68.8M followers

Neymar Jr 
@neymarjr
66.4M followers

Bill Gates 
@billgates
65.2M followers

Selena Gomez 
@selenagomez
63.1M followers

The Ellen Show
@theellenshow
62.3M followers

CNN 
@cnn
61.8M followers

X 
@x
60.7M followers



