اها سردي جيڪا ڪوئيٽا ۾ هلڪين هلڪين بارشن کانپوءِ هوا سان گڏ گھلي اکين مان آلاڻ ڪڍي اکين کي خشڪ ڪري ڇڏيندي آهي، هڪ زماني ۾ ڪيفي بلديا جي لان تي ڪافيء سان گڏ انهيءَ سرديء جو چس وٺبو هو. چئن سالن بعد ڪوئيٽا آيس پر اڃان سردي به عروج تي ناهي پهتي ۽ ڪيفي بلديا به اجڙي رهيو آهي.