GOATS FORTUNE FEST is HERE! 🎫🐐🎉
We know GOATS love testing their luck, and this fest is your time to shine! 🐐💥
💯 100+ prizes / 50 $TON rewards 💎 / and 1 BIG JACKPOT 💰One lucky GOAT will walk away with Baa-dass riches!
🏆 Jackpot: 20 $TON
🥇 1st Prize: 10 $TON
🥈 2nd Prize: 7 $TON
🥉 3rd Prize: 3 $TON
🎖️ 100x Consolation Prizes: 0.1 $TON each
😎 Feeling lucky? Join the mission to test your luck:
1️⃣ Join https://t.co/WxYSHzuJDj & complete GOATS FORTUNE FEST missions
2️⃣ Retweet this post
3️⃣ Own at least 20K $GOATS
Baa-lieve it or not, this is your shot to make some baa-dass gains 👑🐐
Snapshot and rewards at 4AM UTC, Sep 10.
ڀُومي انائونسمينٽ؛
ڀُومي اينڊرائڊ ايپليڪيشن تي سيف آزاد جو مضمون"جبري گمشده ماڻھن جو ڪيس قانون جي دائري ۾" شايع ٿي چڪو آھي. جنھن کي ڀُومي اينڊرائڊ ايِپ جي چوٿين شُماري ۾ پڙھي سگھجي ٿو؛
ڀُومي اينڊرائڊ ايپليڪيشن کي ھيٺين لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿو
https://t.co/B07PYGxFzq
Multinational states are examples of imperialism, where one nation imposes its political and economic dominance and oppression over other nations. Therefore, true internationalism among nations in the world is only possible when every historic nation has its National freedom.
#World @UN@hrw
قومي آزاديء جي تحريڪ جي سنجيده سياسي ڪارڪنن ۾ ڪهڙيون خاصيتون ۽ خوبيون هجڻ گهرجن جيڪي انهن کي موثر ۽ ڪامياب بنائين ٿيون. انهن مان ڪجهه اهم خاصيتون ۽ خوبيون هيٺ ڏجن ٿيون:
1. ايمانداري ۽ سچائي:
• ايمانداري: سياسي ڪارڪنن کي ايماندار هجڻ گهرجي. انهن کي هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
• سچائي: سياسي ڪارڪنن کي هميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي ۽ عوام جي سامهون حقيقي حالتن کي بيان ڪرڻ گهرجي.
2. وفاداري:
• قوم سان وفاداري: قومي ڪارڪنن کي پنهنجي قوم ۽ تاريخي وطن سان وفادار هجڻ گهرجي.
• تحريڪ سان وفاداري: تحريڪ جي مقصدن، اصولن، قيادت سان پختگي سان جڙيل هجڻ گهرجي.
3. قرباني جي جذبي:
• ذاتيات جي قرباني: سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفادن جي اڳيان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجڻ گهرجي.
• وقت ۽ وسيلن جي قرباني: تحريڪ جي مقصدن لاءِ وقت، وسيلن ۽ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هجڻ گهرجي.
4. تنظيم ۽ انتظامي صلاحيتون:
• منظم هجڻ: ڪارڪنن کي منظم هجڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪم کي منظم طريقي تنظيمي ضابطن اصولن ۽ قيادت جي حڪمن تحت ڪرڻ گهرجي.
• انتظامي صلاحيتون: سياسي ڪارڪنن کي انتظامي صلاحيتون هجڻ گهرجن ته جيئن هو تحريڪ کي بهتر نموني منظم ڪري سگهن.
5. تربيت ۽ ڄاڻ:
• تعليمي ۽ سياسي ڄاڻ: سياسي ڪارڪنن کي تعليمي طور تي مضبوط هجڻ گهرجي ۽ سياسي ڄاڻ ۾ به ماهر هجڻ گهرجي جيئن عوام اڳيان پنهنجي قومي آزاديء جي مقصد جي سياسي تشريح ۽ وضاحت سٺي طريقي سان بيان ڪري سگهي ۽ عام ماڻهن کي پايٽي جي مقصد، جدوجهد پاليسين ۽ حڪمت عملين متعلق پڇيل سوالن جا معقول جواب ڏيئي سگهي.
• ماضي جي تحريڪن جي ڄاڻ: ماضي جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي تاريخي ڄاڻ رکڻ گهرجي ته جيئن هو ان مان سبق حاصل ڪري سگهن، پنهنجي قوم جي تاريخي هيرن ۽ قومي تحريڪ جي هيرن شهيدن متعلق ڄاڻ هجڻ گهرجيس.
6. گڏيل ڪم ڪرڻ جي صلاحيت:
• تعاون ۽ هم آهنگي: سياسي ڪارڪنن کي هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي ٽيم ورڪ کي وڇيڪ اهميت ۽ ترجيح ۰يڻ گهرجيس.
• برداشت ۽ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت: ڪارڪنن کي اختلافن کي برداشت ڪرڻ ۽ تحريڪ جي مقصد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
7. اڳواڻي ۽ ترغيب:
• اڳواڻيء جا گڻ: سياسي ڪارڪنن کي قيادت جي صلاحيتون هجڻ گهرجن ته جيئن هو ٻين کي رهنمائي ڪري سگهن.
• ترغيب ڏيڻ جي صلاحيت: ڪارڪنن کي ٻين ڪارڪنن ۽ عوام کي ترغيب ڏيڻ کين متحرڪ ڪرڻ جدوجهد جو حصو بنائڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
8. اخلاقي قدر:
• اعليٰ اخلاقي معيار: سياسي ڪارڪنن کي اعليٰ اخلاقي معيار رکڻ گهرجن ته جيئن هو ٻين لاءِ مثال بڻجي سگهن.
• عزت ۽ احترام: ڪارڪنن کي ٻين جي عزت ڪرڻ ۽ احترام ڏيڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
9. حالتن سان مطابقت:
• لچڪدار هجڻ: سياسي ڪارڪنن کي حالتن جي مطابق پنهنجي قومي جدوجهد رستو ۽ حڪمت عملي ٺاهي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
• جدت ۽ نواڻ: سياسي ڪارڪنن کي نئين طريقيڪار ۽ حڪمت عملين جي جستجو ۾ رهڻ گهرجي.
10. حوصلو ۽ استقامت:
• حوصلو: سياسي ڪارڪنن کي مشڪلاتن ۽ چئلينجن جي باوجود پنهنجي مقصد لاءِ حوصله مند اتساهيندڙ هجڻ گهرجي جيڪو پنهنجي ٽيم ۽ عوام کي پر عزم جدوجهد لاء تيار ڪري ۽ انهن جي اڳواڻي ڪري سگهي.
• استقامت: ڪارڪنن کي پنهنجي مقصد لاءِ ثابت قدم ۽ مستقل مزاج هجڻ گهرجي.
11. جذبو ۽ ولولو:
• جذبو: قومي ڪارڪنن کي پنهنجي مقصد لاءِ جوش ۽ جذبو، همٿ ۽ جرعت هجڻ گهرجي.
• ولولو: ڪارڪنن کي پنهنجي ڪمن ۾ ولولي سان ڀرپور هجڻ گهرجي، جيئن هو ٻين لاءِ متاثر ڪندڙ ٿي سگهن.
12. خود اعتمادي:
• اعتماد: سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي صلاحيتن ۽ فيصلن تي اعتماد هجڻ گهرجي.
• قيادت جي فيصلن تي عمل ڪندڙ: ڪارڪنن کي پنهنجي قيادت پاران ڏنل حڪمت ۽ ڪيل فيصلن تي مضبوط ۽ بي خوف ٿي عمل ڪرڻ گهرجي با صلاحيت قومي ڪارڪن انقلابي پارٽين جي جان ۽ روح ٿين ٿا.
13. مواصلاتي صلاحيتون:
• مؤثر رابطي: سياسي ڪارڪنن کي مؤثر رابطي جون صلاحيتون هجڻ گهرجن، جيئن هو پنهنجي پيغام کي واضح ۽ موثر انداز ۾ پهچائي سگهن.
• آواز ٻڌڻ: ڪارڪنن کي ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
14. معاشرتي شعور:
• معاشرتي ڄاڻ: ڪارڪنن کي پنهنجي معاشرتي حالتن ۽ مسئلن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي.
• حساسيت: سياسي ڪارڪنن کي معاشرتي مسئلن جي حوالي سان حساس هجڻ گهرجي.
15. پارٽي جي اصولن ۽ آئين سان وفاداري:
• پارٽي جي اصول جي ڄاڻ: سياسي ڪارڪنن کي پارٽيء جي آئين، اصولن، ضابطن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاء هر وقت تيار هجڻ گهرجي.
• پارٽي آئين ۽ اصولن جي پاسداري: ڪارڪنن کي پارٽي جي آئيني اصولن جي هر وقت پاسداري ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي قيادت جي حڪمن لاء جي جان سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
16. عوامي ڀلائي:
• عوام جي ڀلائي: سياسي ڪارڪنن کي عوام جي ڀلائي ۽ خدمت ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، عوام سان هر وقت رابطي ۾ رهڻ ڳوٺن شهرن ۾ عام ماڻهن سان ملي انهن جي سماجي مسئلن تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ انهن جي مقامي قيادت سنڀالڻ گهرجي.
• خدمت خلق: ڪارڪنن کي سماجي خدمتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
17. ٽيم ورڪ:
• ڪارڪنن کي ٽيم جي حصي طور ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
• تعاون: ڪارڪنن کي هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ ۽ گڏجي مقصد حاصل ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
18. منصوبابندي ۽ حڪمت عملي:
• منصوبابندي: سياسي ڪارڪنن کي مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي پارٽي يا قيادت پاران جاري ڪيل حڪمن تي عمل ڪرڻ لاء پنهنجي حدن اندر منصوبابنديء سان ڪم ڪرڻ ۽ نتيجه وٺڻ گهرجن.
• حڪمت عملي: ڪارڪنن کي موثر حڪمت عملي ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
19. جذباتيت کان پاسو ڪرڻ:
• جذباتيت تي قابو پائڻ: سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي جذباتن تي قابو رکڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي.
• مشڪلاتن ۾ ثابت قدمي: ڪارڪنن کي مشڪلاتن ۽ بحرانن ۾ به ثابت قدم ۽ مضبوط رهڻ گهرجي.
20. مقصدن جي وضاحت:
• واضح مقصد: سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي مقصدن قومي ازاديء ۽ سنڌوديش جي حاصلات جي واضح ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ هو عوام ۽ عام ماڻهن اڳيان پنهنجي پارٽي جي مقصد سنڌوديش جي آزاديء جي جامع وضاحت ۽ تشريح ڪري سگهندو هجي.
• مقصدن جي حصول لاءِ رستو: ڪارڪنن کي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ واضع رستو طئي ڪرڻ گهرجي، پوء اهو پر عزم سياسي جدوجهد هجي يا قومي مزاحمت ۽ ويڙهاند هجي، سوشل ميڊيا جو سنجيدگيء سان استعمال هجي يا عالمي محاذ تي سفارتڪاريء جو فرض هجي قومي ڪيڊير لي هر محآذ تي بردبار، سنجيده، مدلل هجڻ گهرجي.
نوٽ. انهن خوبين سان سياسي ڪارڪن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا سنڌ جي جنهن به نوجوان ۾ اهي خوبيون هونديون انهن کي جسمم جو ميمبر ڪري کيس قومي ذميواريون ڏنيون وينديون.
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ
#Sindh #Jsmm
قومي غلامي جي ڪروڌ کي جڏهن قومي تحريڪون دشمن خلاف استعمال ناهن ڪري سگهنديون ته قابض قوتون ان ڪروڌ کي قبيلائي جهيڙن ، مذهبي انتهاپسندي ۽ ٻيا ھٿرادو مسئلن ۾ غلام قوم خلاف استعمال ڪندي آهي . پنجابي فوج سنڌ خلاف ائين وڙهي پئي !